ولي محمد طاهر زادو

پرڻي ۽ مرڻي جون ريتون  رسمون

پرڻي جون رسمون

سڱ جي ڳولا: ڇوڪر وڏو ٿيو، ساماڻو ۽ کٽي ڪمائڻ جهڙو ٿيو ته مائٽن کي لڳندي چورا کورا ته پنهنجي جيئري ئي آسون اميدون ڏسي، الهه جوڙيي کي پرڻائي ارڻائي وڃون، حياتيءَ کي بقا ڪونهي، الائجي ڪير مرن ته ڪير جيئن ! پوءِ ، جو ڇورو ڇنو ٿيو پيو ڌڪا ڌومان کائيندو، تنهن کان اَڏي گڏي وڃڻ مائٽن جوئي شيوو آهي . ماءُ کي ته خاص طرح جهوري لڳي ويندي. پنهنجائيءَ ۾ ڪا ڏاڏي پوٽي ملي وڃي ته چڱو! ڪئين اَٺسٺا پئي جوڙيندي .نيٺ اٿندي ووڙون وجهڻ، باسون باسڻ ۽ مڃتائون مڃڻ. راڄ ـ ڀاڳ سڀ ڌوڻيندي .جي پنهنجائيءَ ۾ ڪا نيگري بوراڪ ويٺل ڏسڻ ۾ آيس ته سک ڦٽي پوندس. هَن هُن  سان ڪينرو پئي ڪندي : چي، جواڻ ڌيءَ گهر ۾ ويهاري انصاف ٿا ڪن ! ڄڻ مٿي جي جُون  مُئي پئي اٿن! مائي، اهڙا به ڪي مائٽ! وڏا چوندا هئا ته جنهن گهر ۾ ڌيءَ ساماڻيل هجي، ان گهر جو پاڻي پيئڻ به حرام آهي ! مائي ،اڄ تيل ڪونه ٿو ٻري، رت ٿو ٻري، گهر گهر کي پيو کائي! آڏ وڏائي سڀڪنهن کي وٺي ويئي آهي! اسين جي غريب آهيون ته به الله ڪيا آهيون، ڪو سندن ذات پات، مٽي مائٽيءَ ۾ نه به آهيون ڇا؟ جي منهنجي ڇوڪر کي سڱ کڻي ڏيندا ته ڪو نڪ ڪونه لهي پوندن.  ابو ابي جهڙو، ڏاڏو ڏاڏي جهڙو، ٻئي گهوڙي ڪَنَ   برابر آهيون!

        جي بَدي (بدلي) تي يا ڦيري تي سڱ ڪرڻا هوندن ، ته چوندي، اسين به پاڻ وٽ ڪَپَر ِ ويهاريو ويٺا آهيون؛ آءٌ پهريائين پاڻ کي ٿي گار ڏيان، پوءِ ٿي ڪنهن ٻئي شريڪ ڀاءَ جو نالو وٺان. ڌيئون ته شل دشمن پيٽان به نه ڄمن! منهنجي الهه جوڙيي کي ڇا ٿيو آهي، ڪهڙي منجهس وِڏ آهي: ڪو منڊو آهي، ٽُنڊو آهي، ڪاڻو آهي يا ڪارو آهي، جو اسان کان پنهنجا پري ٿا ڀڄن! الله سائينءَ کيس ساڃهه ڏني آهي، پنهنجي پورهيي پوئتان  رات ڏينهن لڳو پيو آهي. اشراف به وري اهڙو آهي، جو سئو نياڻين جي وچ ۾ کڻي ويهاريوس ته هَل اما! هل ادي کان سواءِ ٻي ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي اصل جهڙي رڍ ڏٺو!

        مطلب ته ميين الهه جوڙيي جي ماءُ هرهنڌ اهڙا قصا ۽ ڪونسلا ڪندي وتندي، تان جو ڪي همدرد ۽ هڏڏوکي زالون پيدا ڪري وجهندي. زالون زالن جو کاڄ، سو ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن مَنهه مارڪي(مرڪي) ۾ اهو قصو به ڇِڙندو ۽ نبرندو. چوڻ واريون چئي ڏينديون جي ٻيءَ ڌر آنهه ڪئي ته اهي زالون چونديون ته اسين راضي آهيون پر اسان جو وس ڪونهي. مڙسن سان  ڳالهيون ڪرايو، ڏسو ته ڇا ٿا چون . اسين به سندن ڪنن تائين کِڙڪ يا سمڪ وجهنديوسين ۽ هوشڪارينديونسين. کَٽن پوءِ مائيءَ جا ڀاڳ!

        ڳالهه ونئون سئون، نيٺ ته هڪڙي ڏينهن، نينگريءَ جي وارثن کي به ڪُڻڪ ڪن پوندي ته فلاڻا ڇڪين ٿا ۽ سڱابندي ڪرڻ لاءِ آتا آهن.

        هاڻ مِلندو مَڙدن کي وارو. ٻه  ٽي ڄڻا پاڻ ۾ پيهي، رات جو سهي سنبري، اچي چِتايل ڀاءُ جي در جو ڪڙو کڙڪائيندا . ڪا به پهر نڪري ايندي، کينڪاري، مهمانن کي وٺي، اوطاق يا اوتاري ۾، ڪٿي گهر ۾ يا ڪنهن پڌر تي ويهاريندا. چلم تيار ٿيندي، مانيءَ جي صلاح هڻندن ، پوءِ مُک وارث اچڻ تي کينڪار ٿيندي: ادا، ڀلي ڪري آيو، خوش چاق، چڱا ڀلا، جوڙ متارا، کير پُٽ، ٻار ٻچا، ننڍا وڏا... سڀ خوش آهيو؟ آيل ورنديءَ ۾ دعا آهي ، شڪر آهي، رب جون مهربانيون آهن، وغيره، وغيره چئي جواب پيا ڏيندا. وري مهمان ساڳيءَ ريت گهر وارن کي کينڪاريندا. کينڪار پوري ٿي ته پوءِ هلنديون ڳالهيون.

ڳالهه ٻولهه: نينگريءَ جو وارث، ڏيو خبرون چارون؟

آيل: خبرون مڙئي خير! ذات ڳوٺ نالي جا واقف آهيو. ڀائر آهيون. ڀائرن ويڇو ڪونهي. فلاڻي کي سڃاڻو ٿا. الله سائينءَ جي ٻاجهه سان سندس نينگر ڪَرائي قوّت وارو ٿيو آهي. ربّ  سائين شل بخشي بچائي ڏيس. هڪڙي تند اٿس. مائٽ جي دل سو ،چيائين ته ساهه تي بقا ڪونهي، انسان مُئو ويٺو آهي، توهين ڀائر آهيو. چي ــ ٻيلي، گڏجي هلو ته فلاڻي ڀاءُ کي ڏسون. ڀاءُ   جي منٿ ڳري ٿي، ڪم ڪاريون کڻي ڇڏيونسين. هاسيڪار هڪلي آياسون. چيوسين ته پهرين آهن پنهنجا، پڪين ٻيرين ۾ هر ڪو ٿو ڀتر هڻي! ٻيو سارو خير. انهيءَ وچ ۾ ڪو چلم جو ڊڙڪو پيو ڪندو، ته ڪو ٻيانگڙيءَ ۾ ٻيڙي تڪڻيو ويٺو هوندو، ته ڪو ڪَک پيو ڇِنندو. سڀئي انهيءَ ويچار ۾ هوندا ته هاڻ ڏسون ته ڪهڙو ٿو مانُ مليسين!

        مائٽيءَ جي پَڪ يا جواب: ٻانهن جي ڏيڻي هوندي ته وارث چوندو ته آءٌ ڀائرن کان پري ڪونه آهيان. اَڪَ کاڌي ڌيءَ لاءِ ڀائرن کي ناراض ڪونه ڪندس. نياڻيءَ جو جيئن لکيو هوندو تيئن ٿيندو. ڏک سک الله جي وس آهي. جي قسمت سولي هونديس ته اولي ڪڏهن ڪا نه ٿيندي. مون، ڌيءَ توهان ڀائرن جي جهوليءَ ۾ وڌي. کير جو وٽو توهين ڀريو ته کنڊ جو ٻُڪ آءٌ ٿو وجهان هُو چوندا ته ويچارو سچ ٿو چوي، نياڻين جا لِکيا اٽل آهن، مائٽ سڀڪو ڀانئيندو ته سُرهي پَري سر تان لاهيان. نياڻي شينهن ڪُلهي چڙهِي ته سُک ٿيو. ادا، نياڻيءَ جي ماني بادشاهه جي گهر ۾ به ڪانهي. تو اسان کي نڪ وجهي ڇڏيو. بُڻائتو آهين، اهي ئي ڪم بڻائتن جا آهن!

        نينگري، ننڍي اڻ سامايل هوندي ته وارث چوندو ته اڃا نينگري ماشوم(معصوم) آهي، پئي کيڏي کائي، الائجي مري ڪر جيئي! جڏهوڪا چڪ تڏهوڪا پاڻي! جڏهن وڏي ٿيندي، پوءِ جيئن لکيو هوندو تيئن ڪنداسين. اسان کي کائي ڪو نه کُٽايو اٿس. اسان کي اڃا ڪو اونو ڪو نه آهي هُو ورائي چوندا ته ميان، ڌيئون  ڊَڀُوريون آهن، نياڻي  ڪا ننڍي  چئجي ! وڌندي ڪهڙي ويرم ٿي ڪري! هونئن به اڀري لڏ کي سُجهندي ئي پلاڻجي. يا ته چوندا، ٻيلي ڀاءُ پاڻ کي مانُ ڏنو، هاڻ هن جي به مرضي کڻي رکجي!  ائين چئي اُٿندا.

        پر جي بدي (بدلي ) جو سڱ  نه هوندو ته چوندا ته هڪڙي ابي جو اولاد آهيون، جي ڀاءُ ڀاءُ تي وڙ ڪندو، اڀري ڀاءُ سان وارَ وڇائيندو، ته الله ۽ ان جو رسول به سدائين مٿس راضي رهندو. اسان سڄي ڄمار تنهنجا ڳُڻ پيا ڳائينداسون. تنهنجي هڪڙي ٿوري به نه پڄئون، چڱن کان ئي چڱايون ٿينديون....

        جي سڱ ٽڪن تي وٺڻو هوندو، ته چوندا انسان جو ملهه ئي ڪونهي، پر پنهنجي غريباڻي حال سارو جيڪا ڦُلن جي مُٺ مناسب هوندي، سا هٿ جوڙي جهوليءَ ۾ پائي اڳيان رکنداسون. تنهن هوندي به اوهان جو اُٺ جيڏو ٿورو  اسان تي ٿيندو.....

        جي ڪنهن ڏنيل، ڏهاڳيل يا رن زال جي گهر ڪرڻي هوندي به چوندا توهان وٽ ڦلانتي(ڦلان ونتي)  ٻانهن ويٺل آهي. اڄڪلهه ٻار ويهارڻ جو زمانو ڪونهي، نبين جي نياڻين به حق ڪيا آهن! اسان توهان جا غلام آهيون، جي اسان سان پير ڀريو ته اوهان جو احسان ٿيندو.... ڏنيل جو وارث چوندو ته مون کي ڪجهه وقت مهلت ڏيو  ته تن من پڇان، پوءِ جيئن هوندو تيئن ٿيندو. گهر اچي  وارث، پنهنجي ڏهاڳيل ڀيڻ ۽ ڌيءَ کان رايو پڇندو چوندو ــ امان، جي مٿي جي ڇانوَ ڪرين، ته اسان جي جهَل پَل ڪا نه اٿئي. فلاڻا فلاڻا ڀائر گهر ڪري رهيا آهن. اسان تي  بار ڪا نه آهين، جيڪي پيٽن ۾ ٿيون مائين سي  ٽڪرڀور ۾ ڪو نه اڙنديون. ائين نه سمجهه ته مائٽ مون مان ڪڪ ٿيا آهن، اهو خدا ساکي آهي، تون ئي مختيار آهين. سوچي سمجهي، پنهنجو دل من پڇي، پوءِ جيڪا راءِ  بيهارين سا اسان جي ڪن وجهه.... جي هن کي مڙس ڪرڻ جي خواهش هوندي ته چوندي آءٌ اوهان وارثن جي چوڻ کان ٻاهر ڪين آهيان، جيئن توهان کي مناسب لڳي تيئن ڪريو، آءٌ  حاضر آهيان پر جي شادي ڪرڻ جو بنهين ارادو نه هونديس. پورهيو ڪريو به پئي پيٽ پالينديس، توهان تي ڀري ٿي ڪين ڪرنديس. الله ڪندو ته منهنجي ٻيائي ڪا نه سُڻندا. اشرف آهيان، اشرفن جو اولاد آهيان، ويهي وقت گذارينديس ...! جواب يا نهڪر جي حالت ۾ ،جيڪي ڀائر هام هئي، هلي مَلهي، جنهن ڀاءَ جي در تي اچي نڪتا هوندا، تن کي اهو ڀاءُ اُٿيڙي نه ڪڍندو، نڪي سرڪشي ڏيکاريندو . مڙئي ڪنهن نيت سان پرچائي ،روانو ڪندو. چوندو ته آئيو ته ڀلي آئيو . ڀائر آهيون، چُهڙا کڻندا . اوهان جون لتون ته منهنجو اکيون .   شرع ۾ شرم ڪونهي . موت نه آهي مهڻو، پرڻو ناهي گار. دل ۾ نه ڪجو ، اسان جا پنهنجائي مئسلا مُوڙها پيا آهن، (يا، اسين ٻئي هنڌ اکيون اڙايو ويٺا آهيون ) مجبور آهيون (يا، اسان کي انهيءَ پير کڻڻ جو خيال ڪونهي ). اهڙا وَٽ تي جواب ڏيندو، پر ٺُپ ناڪار نه ڪندو،  ۽ ساڻن   کلي  کينڪار ڪري، کين روانو  ڪندو .

پڌريءَ جي رسم:  ڇڪايلن آنهڪار ڪئي ته پڌريءَ جو سانباهو ٿيندو  ڪجهه ڏينهن ترسي، گهوٽ ۽ هڪڙو مڙد ۽ ٻه ـ ٽي زالون گڏجي، ڪنواريتن ۾ اينديون . گهوٽ آڻڻ جو مقصد اهو هوندو ته ڀلي ڪنواريتا به گهوٽ کي ڏسن (جي اڳ ڏٺل نه اٿن ته)،  ۽ ڪجهه گهائل مائل ٿين . اهي هڪ رات اتي رهندا . جي ڪو ڦڏو نه هوندو ، ته ڪنواريتا کين تسلي ڏيندا، ۽ توهان بابت جيڪي شرط شروط هوندا، سي ساڻن ظاهر ڪندا. اهي، جي آيلن قبول ڪيا، ته کين خوشيءَ ساڻ شربت پياريندا. موڪلائڻ وقت، گهوٽيتيون، ڪنوار کي خرچي هٿ ۾ ڏيئي موڪلائينديون .

ڀائرن جا اڳواڻ : راڄ ڪاڄ جي ڪاروبار هلائڻ ڪاڻ، اصلي چار ماڻهو مقرر ٿيل هوندا: هڪڙو پريو مڙس، پٽيل يا جمعدار، جنهن جو فيصلو ڀائرن کي هر صورت ۾ قبول ڪرڻو پوندو آهي؛ ٻيو وزير، جيڪو پريي مڙس سان صلاح مشوري ۾ شامل رهندو آهي ۽ پريي مڙس جي غير حاضريءَ ۾ فيصلا ڏيندو؛ ٽيون ڇڙيدار، شاديءَ توڙي غميءَ جي ڀرڀن جي ڪارروائي هن جي صلاح سان ، هليءَ چليءَ وانگي هلندي رهندي؛ چوٿون ڪوٺار، جو ڀائرن حاضر ڪندو، نينڊون ۽ ڪانڍون ڏيندو آهي.

ڀائرن جو ميڙ:  پڌريءَ تي پڪ ملڻ کان پوءِ ڪاڄيتو، ڀائرن جو ميڙ سڏائيندو، جنهن ۾ خبر پوندي ته ڪهڙا ڀائر ساڻس وک کڻن ٿا، يعني ڪاڄ کائين ٿا ۽ ڪهڙا نٿا کائين ۽ ڇو نٿا کائين . ان لاءِ پريي مڙس کي ڄاڻ ڪندو. پريو مڙس ،کيس هڪ تاريخ مقرر ڪري چوندو ته مٺائي کڻي ان تاريخ تي، اوتاري يا اوطاق ۾ يا پريي مڙس جي گهر ۾ يا ڪنهن پڌر تي اچي، ۽ پوءِ ڪوٺار کي ڪوٺ ڏيڻ لاءِ روانو ڪندو. ان تاريخ تي، رات جو سڀ ڀائر اچي مڙندا . چلم کي ٺُش ڪري رکندو . سڀڪو واري وٽيءَ تي چلم جو چشڪو پيو وٺندو .پريو مڙس پڇا ڪندو ته سڀ ڀائر اچي ويا يا اڃا ڪو رهيل آهي؟ ڪوٺار چوندو ته فلاڻا، فلاڻي سبب ڪري ڪو نه آيا 7 پنهنجي فتوا، فلاڻي ڀاءُ تي رکي اٿن. کين ڪاڄ نه کائن جو ڪو به عذر ڪونهي. پوءِ ڪوٺار اٿي چوندو ته ڀائرو ، فلاڻو ڀاءُ ڪاڄ ٿو ڪري فلاڻي جي گهران، ان جي مٺائي ورهائڻي آهي؛ جنهن به ڀاءُ کي ڪو ڏک سور هجي يا پاءُ پاڻيءَ جو ڀاءُ  ڏانهن رهيل هجي ته پڌرو ڪري، جيئن سڀئي ڀائر سُڻن.

        ڀائر، هيئن عذر پيش ڪندا : ڪو چوندو ته منهنجا پئسا رهيل آهن، وٺي ڏيو ته ڪاڄ کان؛  ڪو چوندو ته اسان جو سڱابندي جو وهنوار آهي؛ ڪو چوندو ته اسان جي فلاڻي مئي جو پير ڪونه کنيو اٿس، نه پٿر تي آيو آهي، نه الله ميان ڏاڍو ڪئي اٿس؛ ڪو چوندو ته اسان پاڻ ۾ وڙهيل آهيون. جي هڪ ٻين ۾ بڇڙي ڪئي هوندائون ته اها به ٻولي ويهندا. ڀائرن ۾ وري ڪي قصور واري کي ٽيڪو وٺائيندا، ته ڪي قصوريل کي.  آخر گهڻن جي رايي سان پريو مڙس فيصلو ڪندو. جنهن  به اهو نبيرو قبول نه ڪيو ته ڀَت پهت مان ڪڍي ڇڏيندس؛ ڀائرن ۾ سندس حقو پاڻي بند ڪري ڇڏيندا، ۽ جي پرچي سرچي ويا،  ته برادريءَ جي هيڪ ــ ميڪ ٿيڻ جي مٺائي ڳڙ،  کارڪون يا پتاشا ورهائيندا. جيڪو غير حاضر هوندو، ان جي ورڇ فتوا رکيل  ماڻهوءَ کي ڏيندا، ۽ ڪاڄيتي کي پهريون ڀيرو مبارڪون ڏيئي، ڀاڪر پائي، کير کنڊ ٿي اُٿندا.

        مڱڻي جي رسم گهوٽيتن ۾: جڏهن گهوٽيتا سَتُ ساريندا، تڏهن اول اول مڱڻو ڪندا. مڱڻي  جي معنيٰ  آهي گهُرڻ، پر اها گهُر پڌريءَ  تي ئي پوري ٿي ويندي، تنهن هوندي وري به اوري پري وارن کي مڱڻي جون ڪانڍون ڪڍندا. ڪوشش ڪري مڱڻو ڌام ڌوم سان ڪندا. چڱي موچاري ڄڃ  وٺي، ڪنواريتن ۾ وڃي لهندا. مڱڻو ڪري اچڻ کان پوءِ مند ـ شاخ  جيڪا به پئي لهندي، سا ڪنواريتن کي پيا موڪليندا ۽ جي وچ ۾ ڪو عيد جهڙو ڏڻ وار ٿيو، ته هڪ اونڌر يعني وڳو به ڪنوار کي موڪليندا رهندا.  جيستائين وهانءُ نبري.

        مڱڻي جي رسم ڪنواريتن ۾:  گهوٽيتا، جيئن ڄڃ ڪري ڪنواريتن ۾ پهچندا ته ڪنواريتا کين اوطاق (ڇنو) نُک، تڏو، تونري، ديگ، ٿانءُ ٿپو موجود ڪري ڏيندا. ڪنواريتا، پنهنجي برادري يعني ماڃين ۾ مڱڻي جو سڏ اٿاريندا. رات جو سڀ ڀائر توڙي سياءَ اچي گڏ ٿيندا. اجازت  سان ڪوٺار، گهوٽ جي ڪُلهن ۾ ملير يا لونگي وجهندو، جنهن جي جهول ۾ موڙو به هوندو. موڙي ۾ ڏونگهيون، مصري، ڦوٽا، باداميون، جوهر جون ٽڪيون ۽ هڪ رومال به هوندو. ان کان پوءِ ڪنواريتا ، مِٺي ڪڙهيل کير جا گلاس ڀري، ڄاڃين توڙي ماڃين کي پياريندا. رواج سارو سڀئي ڄاڃي گهور ڏيندا. ٻاهر اها رسم پوري ٿيندي؛ تنهن کان پوءِ زالون ڳائي، ڪنوار کي کيرول  منڊي ۽ ويڙهه آڱرين ۾ وجهنديون. ڪي پوتي به ڪنوار کي ان مهل مٿان ڍڪائين. ڪنواريتا انهيءَ کي پوتي پوڻ جي رسم ڪوٺين، ڪي ته وري پوتي پوڻ تي ڪنوار جو نڪ به ٽوپي ڇڏين، يعني سُئيءَ  ۾ ڪارو ڌاڳو وجهي، نڪ جي ڇنوٽيءَ  مان اڦڪاري ، نڪ ۾ نٿ وجهڻ لاءِ ٿوري وٿي ڪن. پوءِ زالون زالن تي ۽ مڙس مڙسن تي ڳاڙهو يا گلابي ڪڙهيل رڱ اوتين. زالون سڄي رات ڳائي وڄائي، نچي پنبي صبح ڪن. صبح جو ڄڃ واپس گهر ورندي آهي.

        ڏينهن چِٽو ڪرڻ يا ڏينهن ٻڌڻ يا ڏينهن وٺڻ:  گهوٽيتن وٽ جي چار ڏوڪڙ گڏ ٿيا، ته هڪدم ڏينهن وٺڻ جو سعيو ڪندا. هڪڙي ــ ٻه زال ۽ هڪڙو ــ ٻه گهوٽ جو مائٽ، ڌوڪي ويندو ڪنواريتن ۾. ڪنواريتا جي راضي هوندا، ته ڏينهن چِٽو ڪري ڏيندن. گهوٽيتا ان وقت ڪنوار کي پوتي ڍڪائي، سانباهي جي رقم  پوتيءَ ۾ ٻدَندا ۽ جي ٽَڪن وارو سڱ هوندو ، ته اها به ڏيتي ليتي انهيءَ مهل ڪندا آهن. ڪنواريتو، گهڻو ڪري اهڙو ڏينهن شاديءَ لاءِ ڏيندو، جنهن ۾ ڪنوار ڇُوت ڇات کان آجي تاجي هوندي آهي.

        ٻُڪي جي رسم: اصل لفظ ٻَهڪي  چيو وڃي ٿو، جو پوءِ بدلجي وڃي ٻُڪي بيٺو آهي. ٻَهڪي جي معنيٰ چَلتي واري رونقدار آهي. ٻُڪي وجهڻ ڪري ڀائرن کي معلوم ٿيندو ته هاڻي ڄاڻ ته شاديءَ جو گهماگهم ڀَت ٿيو، جنهن کي ڄُڃ  چون، ۽ اهو ڄاڃي کائي رَڄ ڪندا. ٻُڪي تڏهن  پوندي،  جڏهن وهانءَ لاءِ گهرايل چانور اچي موجود ٿيندا. زالون، پنج ــ ست گڏجي ڀيڻن توڙي سيائن کي ٻُڪي جو پرڀ ملهائينديون، يعني آيل چانورن مان پنجن چوٿاين يا پنجن پاٽين جي واڌائي آکريءَ يا نِنگههَ ۾ وجهي ۽ انهن ۾ ست جوڙا کارڪن جا وجهي، آکرين ۽ مُهرين کي داءَ (دانگ) جا لينگها ڪڍي، ست سهاڳڻيون، مُهريون کڻي، چانور ڇڙڻ ويهنديون. ست ئي مُهريون واري سان پيون ڦِرينديون، انهيءَ ۾ جيڪا هوشياريءَ سان ڇڙڻ واري هوندي، سا کارڪون ڪڍندي ويندي ۽ کائيندي ويندي. ٻيون چَپ پيون چَٽينديون. ٻيون ٻُڪيءَ جو ساٺ ڳيو بيٺيون ڳائينديون، تان جو سڀ چانور ڇَڙي اُٿنديون.

        گهر چِٽڻ: ٻُڪيءَ کان پوءِ گهوٽيتيون گهر چِٽڻ شروع ڪنديون، ڪنڀار کان دانگ يا داءُ گهرائي، سڄي گهر جون ڪنڊون ڪُڙڇون، جارا ڀتيون، لينگها ڪڍي ڳاڙهيون ڪري ڇڏينديون. انهن ليڪن ڪڍڻ مهل به ڳيچ پيون ڳائينديون آهن.

شاديءَ جي تياري : گهوٽيتا، پهريائين پنهنجائيءَ جون ڪنواريون نياڻيون ٽِڪڻ لاءِ وٺي اچي پاڻ وٽ رهائيندا، جي ڪم ۾ هٿو پاري پيون ڪرائينديون، ۽ اک ٽيٽ سان سڄي  ڪاڄ جو انتظام به پيون سکنديون. مڙد ماڻهو مَنهه يا ڇَنو ٺاهڻ شروع ڪندا، جيئن ڄاڃي سولا اچي ويهن. ان کان پوءِ، وهانءَ جو سامان جهڙوڪ : ٺڪر جون پاٽيون ۽ طباخ، ڪونرا ۽ چلمچيون، ڦيلهيون ۽ ڳَنرون؛ ڪُهڻ  لاءِ ڦنڊرون؛ ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون؛ درزيءَ کان گهوٽ جا ڪپڙا؛ مينگواڙ کان چانديءَ تي جُتي ۽ ٻيو سامان ، زالون ڳيچ ڳائي پيون آڻي ڪَٺو ڪنديون، جيڪي ڄاڃين جون ساگهرون پيون اينديون، تن کي به گهوٽيتيون، ڳوٺ کان ٻاهر نڪري پريان ڳائي، پوءِ گهر  آڻينديون.

        وناهه يا ونواهه جي رسم: بَنو ونُو يا وَنَههُ چون گهوٽ کي، اصل لفظ وَنَههَ وهانءُ هو، جو بدلي جو ناهه يا ونواهه ٿيو آهي. ڪنوار کي وناهه ۾، شاديءَ کان گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڏينهن ۽ وڌ ۾ وڌ، پنجن ، ستن ، يارهن ، ايڪيهن ڏينهن تائين ويهاريو ويندو آهي.

        پنج ــ ست زالون، شهر مان وناهه جو سامان: يعني ڪوڙو تيل، مِٺو تيل، ڄل ڦل، ڪيسر، ميدو، ڏونگهيون، اَکيو، مصري، حلوو، باداميون، ڊاکون، ڦوٽا، ميندي، مساڳ، سوبڙو، ڪجل ۽ پيٺيءَ جو سامان ڳيچ ڳائي، وڃي وٺي اينديون آهن. پيٺي ڇا آهي؟ هن ۾ ميدو، ڪيسر يا ميندي ۽ تيل گڏي، زالون هڪڙو مرڪب ٺاهينديون آهن، جو وناهه ۾ ويٺل ڪنوار کي روز  زور سان مکينديون آهن، جيئن چِٽي ڳوري ٿئي. اها پيٺي پوءِ ڪنهن واهه يا تلاءَ ۾ اُڇلين. گهوٽيتيون اها پيٺي ۽ پنهنجي گهران گيهه، مکڻ ۽ ماکي ٿانو ۾ وجهي، وناهه جو سڀ سامان هڪڙي وڏيءَ کاريءَ  ۾ رکي، مٿان ڳاڙهي ڪپڙي سان ڍڪي، رکنديون هڪ زال جي مٿي تي، ۽ پوءِ گڏجي ڳاچ ڳائينديون، اچي ڪنواريتن ۾  پهچنديون.

        رات جو ڳائي، ڪنوار کي اکيو مُنهن تي ٻڌنديون، ڪنوار کي ڪوٺيءَ ۾ يا گهر جي هڪڙي ڪُنڊ ۾ شاديءَ تائين ويهڻو پوندو. ڪنهن مڙس ماڻهوءَ جي منهن ڻه لڳندي. نڪي اکيو مٿي کڻي ڏسندي؛ ڪاتيءَ وڍيو کاڌو يعني گوشت، مڇي، پلو وغيره نه کائيندي. روز حجامڻ کيس پيٺي مَليندي رهندي. اکيي ٻڌجڻ کان پوءِ ست سهاڳڻيون، ڪنوار واريءَ ڪوٺيءَ جي سردري ۾ هٿ وجهي، روز رات جو سانجهڙيءَ جو ساٺ ڳيو ۽ پيراڻا پنج ڳيچ ڳائينديون رهنديون.

        وناهه ٻڌڻ کان پوءِ سڄو  ڪاڄ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو: يعني گهوٽيتن جا پرڀ ڌار، ته ڪنواريتن جا پرڀ ڌار ٿي ويندا، ۽ گهوٽيتن ۾ هر رات جو ڳائڻ ٿيندو رهندو، جنهن ۾ ناچ ۽ سانگ پيا ٿيندا آهن.

ڏانديا لڳائڻ يا ڏونڪا هڻڻ:  ٻاهران مڙد ماڻهو ڏونڪن يا ڏانڊين جي ڪوٺ ڏيندا. جيڪي ڏانڊين جا ڄاڻو هوندا، اُهي توڙي ڏسڻ ٻڌڻ وارا اچي ڪَٺا ٿيندا. رات جو ماني ٽِڪي کائي کارائي، موڪريون ميدان تي نکون تڏڌا وڇائي، گهڙو پاڻيءَ جو رکي ڇڏيندا. جڏهن يارن کي پُور پوندو، ته هڪ مڱڻهار فقير يا خود منجهانئن ئي هڪڙو همراهه دهل کڻي، وچ تي  ڍرڙي ڏانڊيا وڄت ڪندو، جنهن جا پنج ماترا هي آهن.

ڍينجان ــ ڍينجان، ڍينچڪ ــ ڍينچڪ ــ ڍين....

ان کان پوءِ، پهرين جهِيل سان ترسي ترسي کڻندا صفت سبحان جي، جيئن ته:

اول  نانءُ  الله  جو ،  سو  ته  ٻانها ٻيءَ  مَ  لڳ  وو

لڳ ته ڀلي جي ير آسري، جنهن پر سارو جڳ وو

گهوريو گهوريو وڃان تنهنجي نالي تان،

صدقي     سڄڻ      تنهنجي      نالي     تان!

پڇاڙيءَ جو تکي لئي تي وڄت هيءَ وڃي بيهندي:

ڌِنتَڪ ــ تِنتَڪ  ــ ڌ ِنتان ــ تانـ ـ تان....

        انهيءَ وڄت تي، هٿن ۾ ڊگهيون ڪاٺيون فوٽ ــ ڏيڍ جون، جن کي ڏانڊيو يا  ڏونڪو چون، کڻي، سڀئي گول صف ۾ پير پير سان ملائي، لوڙائو سُر ۾ ڪافيءَ جو ٿلهه ۽ مصرعون چوندا آهن: انهن جا ٻه ــ ٽي ٿلهه هي آهن:

(1)  پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو، او، صورت جو سبحان.

(2)  واٽ ونِدر جي وڻ به ڏسيندا، ڇو ٿيون پڇو پنڌ پيرا پيرا.

(3)  وه  واه سڄڻ سائين عيد ڪرايئي، او ، نئنا خوب نظاري جي.

(4)  ساڏي ويڙهي آيا ڪرين، يار صبوح شام

هنن ٿَلهن کي ٻيڻي ـ ٽيڻي اٿلاڻي ڏيندا آهن، ۽ جهِيل سان ٽُڪر چئي، وري ماٺ ڪندا آهن، وري ٽڪر چئي ماٺ ڪندا آهن، پڇاڙيءَ جو آ، ها تي ڏيڍي ، يا ٻيڻي ڦيري ڏيئي، وڃي ڪو ڪٿي ته ڪو ڪٿي ڪِرندو آهي. اُن تال جي تکيءَ لئي تي يڪدم ٻيو ٽِڪو وٺڻ سان،  سڀ اُٿي ساڳين جاين تي پير پير سان ملائي، ناچ ڪندا آهن.(هي تماشو روبرو ڏسڻ وٽان آهي!)

گهوٽيتا پرڀ: پرڀ لفظ جي معنيٰ آهي پريه  شُڀ يعني چڱو موقعو. گهوٽيتا پرڀ هي آهن: گهوٽ کي ميندي لائڻ، ڳانو ٻڌڻ، وناهه ويهارڻ ۽ تيلاڙي جو ساٺ ڪرڻ، ڏِک ڪرڻ، پِڙو يا ڪوٺو ڏيکارڻ، سروَر هڻڻ ، ڄڃ نڪرڻ ۽ ڪنواريتن ۾ پهچڻ کان پوءِ اوجاڳو ڪرڻ، ڪَنڊيءَ جو وڻ وڍڻ ، نڪاح پوڻ، وهنجارڻ ۽ ڪپڙا ڍڪائڻ، سر گس چڙهڻ، نفل پڙهڻ، ڏاوڻ ڏائڻ ، رانءِ جهانءِ ڪرڻ، ڍَڪڻي ڀڃڻ ۽ لانئون لهڻ. انهن سڀني جو تفصيل سان بيان ڪريون ٿا.

        ميندي لائڻ: شاديءَ کان ٻه ـ ٽي ڏينهن اڳي، گهوٽ کي ڀينرون ۽ سهاڳڻيون پهرين هٿن کي ۽ پوءِ پيرن کي، ڳائي ميندي لائينديون آهن. اها ميندي سُڪڻ کان پوءِ، ذرو پر زو ميڙي، ڪنهن کوهه، تلاءَ يا دُٻي ۾ وجهي ڇڏينديون آهن.

        وناهه ويهارڻ ۽ تيلاڙي جو ساٺ: رات  جو گهوٽ کي تيلاڙي جو ساٺ ڪنديون، گهوٽ منجيءَ تي ويهندو ۽ هوُو ساٺ ڳيا پيون ڳائينديون. تيلاڙو پورو ڪري، گهوٽ کي ڏندڻ، ڪاتي، ۽ تسبيح ساڄي هٿ ۾ کڻڻ لاءِ ڏيندا! کيس ڪاتيءَ  وڍيو کاڌو کائڻ نه ڏيندا ۽ اڪيلو به نه ڇڏيندا. ويهندو ته جهُنڊ هڻي ويهندو.

        ڏک ويهارڻ: ڏينهن جو سڀ ڀائر گڏ ٿيندا . گهوٽ کي ٻِٽ  ڪرائي مٿان موڙ ٻڌندس گهور اُڳاڙي، ناناڻي پُريءَ مان هڪڙو اهنيار يا اهنرمقرر ڪندا، جنهن سان شادي تائين جُٺيون ۽ چرچا پيا ڪندا. آهنر گهوٽ جي پوري حفاظت ڪندو رهندو.

        سَروَر هڻائڻ:  ڄڃ  نڪرڻ واري رات جو ڪي ماڻهو سرور جي ڍولڪ وڄارائين، سرور، ديري غازي خان ۾ ٻروچ قومن جو مرشد ۽ اولياءُ آهي، تنهن ڪري ٻروچ قومون سرور هڻائيندي سونهنديون آهن. پر ٻيون قومون، جيڪي سرور ٿيون هڻائين، تن کي ڪا به خبر ڪانهي ته سروَر ڇا آهي. فقط سروَر جي گهور، گهوٽيتيون پاڻ وٽ رکنديون آهن ۽ اها گهور ٻئي ڪنهن مڱڻهار يا ڳائڻيءَ کي ڏيڻي ڪانهي، تنهن ڪري سروَر کي چُهٽي پييون آهن. سروَر رات، خاص سروَر جو سهرو چيو ويندو آهي، جنهن ۾ سروَر جي مهربانين ۽ ڪرامتن جو ذڪر ڪيو ويندو آهي.

پِڙو يا  ڪوٺو ڏيکارڻ: انهيءَ رات ئي گهوٽ کي ڏنل ڏيپ، جو مائٽ ڏيندا، سو پاڙي ۾ يا پرانهين پاڙي ۾ ڪنهن واقفڪار جي گهر، گهر واريون زالون رکي اينديون.سرور پوري ٿيڻ کان پوءِ، ڳائي ــ وڄائي ڪوٺاريءَ کان پِڙو کڻائي اينديون. پوءِ هڪ وڏي پَري زال، نالو وٺندي، سڀ ڪنهن جا ڏنل جورا يعني وڳا  ڏيکاريندي ويندي. تان جو مائٽن جون ڏنل سڀ شيون: زيور، سينگار جو سامان، ڪپڙا، هنڌ، ٿانءَ روڪڙا پئسا وغيره سڀ ڳڻائيندي. اهو سامان پيتين ۾ بند ڪري، ڄڃ سان گڏ ڪنواريتن ۾ کڻي هلنديون آهن.

ڄڃ نڪرڻ:  ڄڃ   نڪرڻ کان اڳ، پِني مڱي، سوارين جو بندوبست ڪندا آهن، جن ۾ بيل گاڏيون، جن جي ڍڳن کي مُڇيون موڙ ۽ سڱن ۾ مُهرا مٽر، ڳچين ۾ چنگ ٻڌل هوندا؛  ٻيا مهري اُٺ ، جن کي نَتون نقطا ، جهُلون جهاٻا ۽ گوڏن ۾ ڇيرون ۽ گهنگهريا ٻڌل هوندا؛ ٽيان هوندا گهوڙا، جي پنجسنجيءَ سان سينگاريل هوندا. اتي تون هين ئي تون لڳي ويندي. ڀَلين جوڙين جو ميدان ۾ ٽَڪرو ٿيندو. گهوٽ کي به هڪڙي ڀلي مَهريءَ اٺ تي کڻي سوار ڪندا. رات جي نوائيءَ ۾ ڄڃ رواني ٿيندي. ڪونسيي سُر  مان گهوٽيتين جي ڳيچن جون للڪارون پيون پونديون. دُهلن جا ٽاڄا ۽ ڌڌڪارون، گهوڙن جون ڊڊي ڊوڙون ۽ ڊيڪارون ۽ هڻڪارون، ڇيرن جون ڇمڪارون ۽ شرنائن ۽ قرنائن جون ڪوُڪارون پيون پونديون، زمين ، آسمان تي کڻي وجهندا. اها ڄڃ  جتان پئي لنگهندي، اتان گاڏين جا چيچاٽ ۽ زالن جا آلاپ، اگهور ننڊ وارن کي به اُٿاري وجهندا ته هوُ  به ڪا ٻي شادي ڪري، ۽ جنهن جي نه ٿيل هوندي، سو ته اول ـ پتڻ ٿيڻ لڳندو ته في الحال ڪٿان به ڦٽ ڦَٽي ڪا اهڙي لئي سان شادي ڪريان ! اهي ڄاڃي، اهڙي دستور، اهڙيءَ رمز ۽ رنگ سان اچي ڪنواريتن ۾ پهچندا. ڪٿي ڪٿي آيل ڄاڃين سان پڙ ڄڃ ڪندا آهن، يعني پنج سير کارڪن ملڻ لاءِ، گهوٽيتن ۾ لٺين جي اچي ڀڃ وجهندا آهن. پوءِ ڪي ڄاڃي ڦٽبا آهن، ته ڪي ڀڄي ويندا آهن، جيئن هنن کي کارڪون ملن.

ڪنواريتي هنڌ تي پهچڻ کان پوءِ، گهوٽ جا باقي پرڀ هي آهن.

اوجاڳو ڪرائڻ:  گهوٽ جا مائٽ خود گهوٽ کي ننڊ ڪرڻ نه ڏيندا، ان لاءِ سڄي رات ڇَني ۾ ڳائڻ ـ وڄائڻ ٿيندو رهندو آهي. ان رات، گهوٽ جو سمهڻ بدسوڻ سمجهندا آهن.

ڪَنڊي وَڍائڻ: شاديءَ رات جو، گهوٽ کي وٺي وڃي ڪَنڊيءَ جو وڻ وڍائين. ڇا ڪن، جو چار سهاڳڻيون گهوٽ مٿان اڇي چادر جهلي هلن ۽ ٻيون ڳائينديون هلنديون؛ ڳوٺ کان ٻاهر ڪو ڪَنڊيءَ جو ننڍڙو وڻ ڏسي، ان کي ڪهاڙيءَ ڪاتيءَ جي هڪڙي ئي ڌڪ سان وڍڻ لاءِ چونديس. جي ڪَنڊي نه هوندي، ته ڪنهن به سائي وڻ جي ٽاري ڪپائي، آڻي ڪنوار جي در اڳيان کوڙائينديون.

        نڪاح پوڻ: گهڻو ڪري پوئينءَ رات جو نڪاح پڙهائين. نڪاح آخوند پڙهندو. آخوند پهريائين ٻه شاهد ۽ هڪ وڪيل(جي انهن جي عزيزن يا پاڙيوارن مان منهن لڳ هوندا) تن کي ڪنوار ڏي ايجاب يا قبوليت لاءِ موڪليندو ته وڃي رايو پڇي اچن. پوءِ وڪيل ٽي دفعا خود ڪنوار کان پڇندو ته توکي فلاڻو پٽ فلاڻي جو حق نڪاح ۾ قبول آهي؟ ڪي ڪنوارون ان لاءِ هائوڪار جو ڪنڌ لوڏينديون، ۽ ڪن کي ڀر واري ويٺل مائٽياڻي ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪرائيندي آهي؛ ڪي خود زبان سان هائوڪار ڪنديون آهن، ته ڪن جي پاران ڀر واري مائٽياڻي هائوڪار ڪندي آهي. ڪي چونديون آهن ته منهنجو وارث ابو، ادو يا چاچو آهي، انهيءَ کان پڇو. پوءِ وڪيل جواب وٺي شاهدن سميت ڇني ۾ ايندو ، ڇني ۾ گهڙندي، ڏاڍي خنڪيءَ سان ڪندو السلام عليڪم، ڇَني ۾ ويٺل وعليڪم السلام چوندا. ان کان  پوءِ آخوند کي حال احوال ڏيندا. هائوڪار جي ٻُڌي ، آخوند، گهوٽ کان پڇندو ته مهَر يا ڪابينَ ۾ ڇا ٿو ڏين؟ هوُ ڪجهه زيور، وهٽ يا روڪڙ ٻڌائيندو. پوءِ وڪيل کان پڇندو يا جيڪو وارث هوندو تنهن کان پڇندو ته فلاڻي ڌيءَ فلاڻي جي، حق مَهر هيتري يا هن سان، تون فلاڻي پٽ فلاڻي جي کي شريعت محمدي موجب ڏيڻ قبولين ٿو؟ هُو هائوڪار ڪندو. اهڙي طرح آخوند کانئس ٽي ڀيرا پڇندو. ان بعد ، وري گهوٽ ڏي مخاطب ٿي ٽي ڀيرا پڇندو ته فلاڻي ، ڌيءَ فلاڻي جي، حق مهر هيتري؛ ڪي ههڙي سان، شريعت محمديءَ موجب تون حق نڪاح ۾ مقبول ڪرين ٿو؟ هو به هائو چوندو. پوءِ نڪاح جون دعائون پڙهجي پوريون ٿينديون ۽ چوڌاري مبارڪون مبارڪون ٿي وينديون. آخوند کي نڪاح جو اُجورو سوا رپيو ۽ کارڪون ڏيندا. نڪاح جون کارڪون سڀني ويٺلن ڀائرن کي به ورهائي ڏيندا.

        وهنجارڻ ۽ ڪپڙا ڍڪائڻ:  نڪاح  پوڻ کان پوءِ زالون ڳائي، گهوٽ جا ڪپڙا ۽ تيل ـ ميِٽ ڇَني ۾ ڏيئي وينديون. ڪوٺاري، گهوٽ کي منجي يا صندلي يا کاري اونڌي ڪري ان جي مٿان ويهاري وهنجاريندو. وهنجي، وار  سڪائي ، هو ڪپڙا ڍڪيندو. ڪپڙن ۾ سلوار، پهران، جُتي، رومال، پاڳ(پَٽڪو ) جنهن ۾ هڪڙي سُرهاڻ جي ڳاڙهي ڳوٿري اٽڪيل هوندي، ڪُلهن ۾ ڪرڻ لاءِ اجرڪ يا لونگي به هوندي. اهي ڪپڙا ڪنواريتا ڏيندا آهن،  ۽ ڪٿي ڪٿي گهوٽ پنهنجي مرضيءَ موجب وٺندو آهي. ڪوٺاري، ڀائرن کان موڪل وٺي، پوءِ پٽيل کان موڪل وٺندو. گهوٽ پهرين پهراڻ، پوءِ سٿڻ، پوءِ جُتي پائيندو. پاڳ جو ورُ پهريون پٽيل ڏيندو، پوءِ گهوٽ سمورو پٽڪو ٻڌي پورو ڪندو. ڪپڙن پائڻ بعد مٿانئس ٻِٽَ رکي ، موڙ ٻَڌي ڇڏيندا آهن. انهن موڙن کي سهرو به چون. پوءِ ڪنواريتا ڳڙهاڙيون يا بُسريون موڪليندا جي گهوٽ جا مائٽ کائي، گهور ڏيندا.

        سرگس جي تياري: گهوٽ ڪپڙا ڍڪيا، ته هلندي ڇني ۾ ماني، يعني گوشت جي ڀت جون ڦيلهيون ڀري ڄاڃين اڳيان رکندا، جي کائي ڄُڃ ڪندا، پوءِ اُڳڙندو پُوئو ۽ ڳانن موڙن جي گهور. پُوئو، اصل پَئُون لفظ ٿو ڀانئجي، جنهن جي معنيٰ ايڪڙو ، انگ، داءُ آهي. مطلب ته گهوٽ جي لاءِ حساب ڪتاب وٺڻ يا رقم جي ڪا ايڪائي ڏيڻ  پوءِ بدلجي ويو ٿو ڏسجي. پُوئي وٺڻ  بعد گهوٽ کي سرگس چاڙهيندا . اڳيان دهلاري، شرنائن وارا، ناچو ۽ ڳائڻا هلندا. پٺيان ڀلي گهوڙي يا سينگاريل اٺ تي گهوٽ چڙهندو.  گهوٽ جي گهوڙي تي چڙهڻ مهل، ماءُ آکا اڇليندي، يعني چانور ۽ کارڪون ماٿنئس گهوري اڇليندي، گهوٽ جي پٺيان آهنر کي به ويهاريندا آهن. جتي دهلن وڄائڻ جو رواج نه هوندو آهي، اتي مولودي، مولود چوندا  هلندا . رستي ۾ ڪا مسيت آئي، ته گهوٽ لهي، اندر وڃي، ٻه شڪراني جا نفل پڙهندو، ۽ پوءِ ماڻهو گهورون  گهوريندا  ۽ گهوٽ مٿان پئسا اڇليندا هلندا. تان جو سڄو ڳوٺ ڦري، گهوٽ کي آڻي ڪنوار جي در تي لاهيندا. جي سرگس رات ۾ هوندي آهي ته بجلين جي سوجهري ۾ شاندار سرگس ٿيندي آهي ۽ پٺيان زالون به  ڳائينديون هلنديون آهن.

        گهوٽ، ڪنواريتي در تي پهچندو ته کيس منجي ڪڍي، ان تي ٻاهر ويهاري ڇڏيندا، ۽ مٿانئس ٻِٽ لاهي وڃي ڪنوار کي ڍڪائيندا، پاڻ رڳو اجرڪ ڪلهن ۾، ۽ موڙ مٿي سان ٻڌيو ويٺو هوندو. جيستائين راڄ جون سڀ زالون اچي گڏ ٿين.


(1)  هيءُ چئن ماڻهن جو مقرر هجڻ ڪن خاص قبيلن سان لاڳو آهي . اڪثر ڪري هڪڙوئي پريو مڙس ٿئي، جو ٻيا ڪم موقعي موقعي تي پنهنجي مرضيءَ موجب، قبيلي جي ڪن باهمت ۽ لائق ماڻهن جي خاص حوالي ڪندو آهي.

(1)  سانباهي جي رقم سڀ ڪنهن قسم جي سڱ ۾ مروج آهي، بدي وارو، توڙي بنا بدي، وڙ وارو توڙي ٽڪن وارو.

(1)  ڪي زالون چانورن جو ڳارو جنڊ ۾ وجهي، ان کي ست اُبتا، ست سُبتا ڦيرا ڏيئي، ٻُڪيءَ جي رسم پوري ڪن؛ ۽ ٻُڪ ڀري، سارين جو ڳارو جنڊيءَ ۾ وجهي  ڌرين، تنهن ڪري ان رسم کي ٻئڪي چون

(*)  اکيو، تسر يا ريشمي ململ جهڙي ڳاڙهي  يا سائي اڳڙيءَ کي، اکين جي برابر ٽنگ ڪڍي، ۽ ڪُنڊن کان ڏورا ٻڌي، وچ ۾ چِمڪ ، گونٽو، ستار ۽ ٽِڪون مڙهي ٺاهين.

(1)  ٻه گنديون يا پوتيون، انهن مان هڪڙي کُهنبي يا گلابي رنگ جي هوندي آهي، جنهن کي ڪيسريو به سڏيندا آهن ۽ ٻي ڀرت ڀريل بوڇڻي هوندي آهي، انهن گندين ۾ هيٺان ڪيسريو ۽ مٿان بوڇڻي ملائي  گهوٽ جي مٿان وجهن، ان کي ٻٽ چون، ان جي مٿان پوءِ موڙ ٻڌندا آهن.

(2)  لڙهين سان هڪڙي پاٺي جو ٽُڪر جو نراڙ تائين پورو ٿي سگهي، اُن تي رنگا رنگي پَنيون هڻي، چمڪائي، هيٺ لڙهين ۾ ڪاغذ جا ٽُڪيل گل وجهي ٺاهيندا آهن. پاسن کان مٿي جي چوڌاري ٻڌڻ لاءِ ڌاڳا وجهندا اٿس. اُنهيءَ کي ڪاڳر جا موڙ چون . ٻيا ڪپڙي تي ٽڪون ستارا هڻي، ڀرت  ڀري هيٺان ڪڄ ڪوڏن جون لڙهيون ٺاهي، تن کي پَٽ جا ڦُندڻ وجهي ٺاهين. انهن کي پڪا موڙ چون.

(3)  اصل لفظ اُنهِروار آهي. آنهر چون مڙد کي، مثال آنهر آڻي اوبڻي ته رن وڃائي رنبو وار چون واريندڙ يا پٺيان ايندڙ کي، يعني آنهروار(مخفف)آنهيار.

(1)  (1)پِڙو، اصل لفظ پيڙهائتو هو، پوءِ رڳو پِڙهو سڏيندا هئا، هاڻ بدلجي پڙو ٿيو آهي، معنيٰ آهي پيڙهه ٻڌڻ، گهوٽ جي بنيادي ضرورت پوري ڪرڻ. ڪوٺو، ڪوٺيءَ جو مذڪر لفظ آهي، جابلو ماڻهو، گهوٽ جو جيڪو ڏيپ ڏين، سو تڏن توُنرين سان بنا ڇت جي هڪڙي چوڪنڊياري ڪوٺي ٺاهي، اُن ۾ کٽ وجهي، ان تي سامان پکيڙي رکي ڇڏين، جو آيل ماڻهو پيا ڏسندا آهن. يعني ڪوٺيءَ ۾ رکيل سامان ، ڦري ڪوٺ ٿي پيو.

(1)  پوئي لاءِ ڪي چون ٿا ته : اهو شاديءَ ۾ مدد طور ڏنل حساب، چٺيءَ ۾ لکي، پوُئي رکيو آهي. اهو چٺو ڏسي، وري اوترئي وڃي ٻي شاديءَ ۾ ڏبو، جيترو اڳلي  کان مليو هوندو، تنهن ڪري ان پوتل چٺي واري رقم کي پوئو ٿو چئجي

 

ڏاوڻ ڏائڻ: زالون گڏ ٿينديون، پهرين ساٺ ــ ڳيي سان، ساليون، ڏاوڻ ڏائينديون يعني سجائتي جي ويڙهيِ، اوبري ۾ وجهي، گهوٽ کي چونديون ته هٿ جي چيچ اُڀي ڪري جهل!  پوءِ ان ۾ سجائتي جو  ڌاڳو ٽي ڀيرا اڇلي وجهنديون، جيئن اُٺ کي مهار وجهندا آهن. هوشيار گهوٽ سڳو ٽوڙي ڇڏيندو، پر چيچ ٻڌجڻ نه ڏيندو. ڏاوڻ ڏائڻ مهل، هڪڙي سالي ڪوشش ڪندي آهي ته جهٽ لڳي ته ڪنوار وارو اکيو منهن تان گهمايانس ۽ ڪا ساليِ  ڪوشش ڪندي آهي ته  نڪ پَٽيانس. گهوٽيتيون وري گهوٽ کي هوشيار ڪنديون آهن ته خبردار! منهن نه کولجانءِ ڪا وري منهن ۾ آکا يعني چانور هڻڻ لاءِ بيٺي هوندي آهي، وجهه لڳڻ تي اهي سڀئي تعديون گهوٽ سان ٿي گذرنديون آهن. ڪو ڪو اٽڪلي جند ڇڏائيندو آهي! ڏاوڻ ڏائڻ بعد، گهوٽ کي سهارو ڏيئي، ڀيڻ اڳتي هلائڻ جي ڪوشش ڪندي، ته ڪنواريتيون ڪنوار جو آگهاريل ڌوپ جو پاڻي پيرن ۾  هارينديس.

        رانءِ جهانءِ ڪرڻ: گهوٽ کي وٺي هلڻ کان اڳ، سندس ڀيڻ پنهنجي وات ۾ کارڪ وجهي، ست ڍُڪ پاڻيءَ جا ڀريندي. ان مهل زالون، رانءِ جهانءِ جو ساٺ ـ ڳيو چونديون.

        ڍڪڻي ڀڃڻ: گهوٽ جيئن سيج ڏي پيو ايندو ته بنهه سيج کي ويجهو، ٽانڊن مٿان هرمرو وجهي، ان تي ڍڪڻي يا ڍڪڻ اونڌو ڪري رکنديون. ڪي سڌي ڍڪڻيءَ ۾ ٽانڊا ڀري رکن. گهوٽ کي چونديون ته کاٻي لت جي کُڙي سان ڍڪڻيءَ کي ڀڃ! جو لت هڻي ڍڪڻي ڀڃي ڇڏيندو، ۽ پوءِ سڌو اچي لانئن لهڻ لاءِ سيج تي ويهندو.

        ڪنواريتا پرڀ:  تيلاڙي جو ساٺ ڪرڻ، ٿار گهمائڻ، گهڙي ڀرڻ، ڏيپ يا ڏاجو ڏيکارڻ، مينڍو کولڻ، وهنجارڻ، سينگار ڪرائڻ ۽ ويس ڍڪائڻ ، سيج تيار ڪرڻ ۽ لانئون لهڻ.

تيلاڙي جو ساٺ: هي ساٺ ڪنوار لاءِ به ائين ڪن، جيئن مٿي گهوٽ لاءِ چيو اٿئون.

ٿار گهمائڻ: هڪڙي ٿالهه ۾ ڪڻڪ جو اٽو ڳوهي، ٿڦي، ان جي چوڌاريءَ اٽي ۾ ڪانا کوڙي، وچ ۾ ڪڻڪ جي اٽي جا ست ڏيئا ٺاهي، انهن ۾ ڳائو گيهه ۽ ماکي وجهي، انهن ڏيئن کي ٻاري، ڪانن جي مٿان ڪپڙو وجهي، ڳائي، سڄو ڳوٺ ڦِري اچي ڪنهن واهه يا تلاءُ ۾ اهو سامان اڇلين. اهو ٿالهه ڪوٺاري کان کڻائي هلڻ وقت، ۽ رستي ۾ ڪوٺاريءَ سان جُٺيون  ڪن، ان تي هيرا ۽ هيرن جاڳيا  چون، جنهن ۾ کيس هلڪيون هلڪيون گاريون چون . مثال:

ڪوٺاري ڪوٺاري ڊيل به ڊيلو ، ڪوٺاريءَ چيلهه ۾ کوڙيو ڪيلو

        گهڙي ڀرڻ: ڪوري دلي جنهن کي گهڙي به چون، اها کڻي دهلن سان ڄڃ ڪري، ڳائي، ستن کوهن جو پاڻي، ڍُڪ ڍُڪ ڪري اُن ۾ ڀري اچن. پوءِ ان پاڻيءَ سان ٻيو پاڻي ملائي، ڪنوار کي وهنجارينديون آهن.

        ڏاجو ڏيکارڻ: گهڙي ڀري اچڻ کان پوءِ، هڪڙي راڄئيِ يعني پٽيل جي زال، آيل زالن کي ڏاجو ڏيکاريندي. هرهڪ مِٽ ماٽ، جيڪي جيڪي گهوٽ يا ڪنوار کي ڏنو هوندو، سو ان جو نالو وٺي، راڄ وارين کي ٻڌائيندي. انهن ۾ جورا، اونڌرا، وڳا، زيور، بسترو، پيتيون، ٿانءَ ، سينگار جو سامان، بلڪ سئي سڳي تائين ڳڻي ڳڻي ٻڌائيندي! ڏسڻ واريون هر ڪا شيءِ ڏسي، هر ڀيري، واه واه پيون ڪنديون!

        مينڍو کولڻ ۽ وهنجارڻمينڍو چون مُنهن کان، مُنڍ وارن وارن کي، جي ڇتڙا، ٻالجتيءَ کان مائٽ نينگريءَ جا، سينڌ کان وٺي ڪَن تائين ڳُتيندا آهن. زالون ڳيچ ڳائي، اها ننڍڙي هوندي جي نشاني وارَ کولينديون آهن. پوءِ ڪنوار کي ڪنهن پاٽ يا ٿالهه ۾ ويهاري  تيل ميٽ سان وهنجارينديون ۽ اهو پاڻي گوشائتو ڪري رکي ڇڏينديون، جو گهوٽ جي سيج ڏانهن اچڻ مهل سندس پيرن ۾ هارينديون آهن.

ڪنوار کي سينگارڻ ۽ ويس ڍڪائڻ: وهنجارڻ کان پوءِ، ڪنوار جو بدن اُگهي سُگهي، سهاڳ جو وڳو، پهرين سلوار گيگم يا گلبدن يا موٺڙو يا سُوسيءَ جي، جاگوڊواڙ ڇَڙي يا چُوڙن سان هوندي، چولو زريءَ تي يا سرمي ستار تي، مٿان گونٽي ڀريل گندي، پيرن ۾ ٽئورن سان زناني جُتي وجهنديون. اکين ۾ سوئڙو يا ڪجل، مٿي ۾ سُرهو تيل وجهي چوٽي ڪنديون. چوٽيءَ ۾ چوٽيڦل، وارن جي پوڇڙين ۾ چانديءَ جي گُرن سان سڳيون، نڪ ۾ وينڊو، نٿ يا بئنسر، ان سان گڏ بولو، نٿ ۾ ڏاڻ ڪاري ريشم جو، ان ۾ چاندي جو ڪُنڍو وجهنديون، جو وارا ۾ ڪياڙي وٽ وڃي اٽڪائيندس. ڪنن ۾ جهومڪ، نسبيون، ڪُرڪُون، مُرڪيون، واليونن، الُولک، لِکوُن، همٽيون، والا، پنڙا ۽ جياندڙو ڪيوٽيون وجهندس. ڳچيءَ ۾ هَس، چندن هار، ڪٺمال، ڪنڍلي، دُهري، تائيٿ ۽ ڏند کوٽڻين جو ڏورو پائيندس. ٻانهن جي ڏورن ۾ ٻارکيون ۽ بازوبند ٻڌندس. سڄيءَ ٻانهن ن۾ اُلهي ڪُلهي عاج جي ٻانهين يا چانديءَ جي چُڙ؛ ڪرائن ۾ دستيون، منگليون، ڪنگڻ، ڇچوڙا، ڪَتريا، ڪڙولا ۽ واڍولا وجهندس. هٿن جھي آڱرين ۾ کيرول منڊي، ويڙهه ڇلڙا، ڇِڪائين ۽ ٻُڙن واريون منڊيون پائيندس. هٿن مٿان ٻيلڙو ۽ هٿ ونگيو وجهندس. پيرن جي مُرن کان پنيءَ تائين، ِهريون ڪڙيون، ڪرف ڪنجي واريون ڪڙيون، رم جهول، ڇمڪي وارن ڪڙي، نُورا، ٽوڙها، سٽا، ساٽيون، ڇير، گهنگهريا، پازيب پائيندس. پيرن جي آڱرين ۾ چانديءَ جا آڱوٺا، پوليون، وڇونئڙا ۽ ميناڪاري منڊيون وجهندس. اهي سڀ زيور ڳيچ ڳائي پائيندس. ڪٿي ڪٿي ڪنوار کي سٿڻ عيوض پڙو پارائين. ڪنوار کي سينگار ڪرائڻ مهل، جڏهن هيءُ ڳيچ چونديون آهن، تڏهن ننڍين توڙيِ وڏين زالن جي اکين مان گونگو مينهن ۽ لڙڪن جون سرون وهي اٿي هلنديون آهن.

اسان جي وي ننڍڙيِ وارڙِي جهمي،

ڙِي جهِمپي اسان جي لال ڪنوار!

سونن جو ٻيڙو، ڙِي لاڏِي تنهنجو وات،

ٿُلڙن ڇانيو، ڙي جيڏل تنهنجو ڳاٽ:-

توکي لِکيو جھام جرار، ڌِيءَ ٻائي ڪنديَم هارسينگار!

سيج تيار ڪرڻ: سيج چون گهوٽ ۽ ڪنوار جي هنڌ کي، جو کٽ يا تڏي تي وڇائجي. جنهن جاءِ تي سيج تيار ڪن، اتي ڪيترائي کِريب ۽ کِرمٽ ڪنديون آهن: سيج جي هيٺان زمين ۾ لِکيل آنا يعني ڪڪڙ جا بيضا پورين، ٻه بوتا ڪڻڪ جي اٽي مان ٺاهي، هڪڙي کي گهوٽ جو نالو ڏين ۽ ٻئي کي ڪنوار جو. گهوٽ واري بوتي کي وات ۾ سڳو لغام وانگي وجهي، ڪنوار جي بوتي جي هٿ ۾ ڦاسائي هيٺ زمين ۾ پورين. ڪنوار جا لاٿل چِڪڙ ٿيل ڪپڙا، بستي ۽ تڏي جي وچ ۾ گهوٽ جي ويهڻ واري پاسي پکيڙي وڇائين. لانئن جي جاءِ مٿان، کُڏ تي هَنو، تنهن ۾ لغام اٽڪائي رکن. لائن ڏيڻ مهل هڪڙي زال مٿي کُڏ تي چڙهي، هَني مٿان ويهي، لغام پئي تڻڪيندي، جيستائين لانئون پوريون ٿين. هڪ هڪ لانءَ تي، ايئن پئي ڪندي. هڪڙي زال ٽامي جو ٽَڪو حمام دستي ۾ وجهي پئي ڪُٽيندي. انهنٽوڻن ڪندي ڪامڻ جو ڳيو پيون ڳائينديون، مثال: ڪاڻن زوران زور لڳي. گهوٽيتيون انهن ڪامڻن کان بچڻ لاءِ گهوٽ کي ڏس ڏينديون ته هو سمورو وقت ڪاڳر ويٺو ڪُتري ته ڪامڻ نه لڳندس! يا سوناري کان سون جي تند ڪڍائي، ڏانٺ هيٺان رکائي، چوندس ته ڏانٺن جو زور ڏئي جهلي ويهه! جيئن سيج تيار ڪرڻ جا کريب توتي اثر نه ڪن.

لانئون لهڻ: پهريائين گهوٽ اچي سيج تي ويهندو، پوءِ ڪنوار کي ويڙهي سيڙهي مـﺆٽڙي ڪري، آڻي گهوٽ کان ٿورو پرڀرو ويهارينديون ۽ گهوٽ کي چونديون ته رڙهي ويجهو ٿيءُ. گهوٽ، جي رڙهيو، ته چونديون ته پهريون شُڀ سولو ٿيو، هيءَ پهرين گيسي ڏني اٿس! ڪٿي ڪٿي وري پهرين ڪنوار کي سيج تي آڻي ويهارينديون آهن. لانئن جا ست ساٺ  هيءُ آهن. (1) کير پيارڻ جو ساٺ، (2) منڌي يا مانڌاڻيءَ جو ساٺ، (3) ڊامڻ لٺڙيون (ڇَمَڪُون) يا وڃڻي جو ساٺ، (4) سونگي يا سونگيءَ جو ساٺ، (5) مُٺ کولڻ يا ڏوري ڇوڙڻ جو ساٺ، (6) تِرَ مَئڻ جو ساٺ۽ (7) ڦُل چونڊائڻ جو ساٺ.

لانءَ: ٿنڀن چِٽڻ ۽ لانئن جو ساٺ ڳيو پورو ڪري، ڪنوار ۽ گهوٽ جا مٿا، ٻه ڀيرا آهستي آهستي پاڻ ۾ ٽڪرائينديون آهن. ان کي هڪڙي لانءَ شمار ڪن. اهي لانئون رڳو سهاڳڻيون يا وريتيون زالون ڏينديون آهن. ڪٿي ڪٿي اهڙي هڪ هڪ لانءَ، گهوٽ جو پيءُ يا مرشد به ڏيندو آهي، ان کان رپيو اجورو وٺن ۽ پوريون ست لانئون ڏين.

(1) کير پيارڻ جو ساٺ: مِٺو کير وٽيءَ ۾ وجهي، گهوٽ ۽ ڪنوار جي وچ تي رکن. پهرين گهوٽ جون ڏهه ئي آڱِريون ٻوڙائي ڪنوار جي آرهه کي ڇنڊا هڻائين، ايئن ٽي گهمرا ڪن. پوءِ ڪنوار جون آڱريون ٻوڙائي گهوٽ کي ڇاتيءَ تي ڇنڊا هڻائين. ان وقت زالون ساٺ ڳيو پيون ڳائينديون. ڇنڊا بند ٿيندا ته گهوٽ کي کير مان ڍُڪ ڀرائي، باقي کير آسائتن ٻارن کي پياري ڇڏين، ۽ گهوٽ کان رومال ڪڍرائي، ڪنوار جا هٿ صفا ڪرائين.

(2) منڌي يا مانڌاڻيءَ جو ساٺ: جنڊيءَ جي ڳن واري منڌي کڻي، پهرين گهوٽ جي اجرڪ جي ڪُنڊ کي ڳنڍ ڏيئي، منڌيءَ جو ڦُل ان ۾ اٽڪائي، ڪنوار جي ساڄي گوڏي، پوءِ ساڄي ڪلهي ۾ مٿي کي ڇُهي، وري کاٻي ڪلهي کان ٿي،کاٻي گوڏي کي ڇهنديون. ۽ ساٺ ڳيو پيو ڳائبو. وري کاٻي گوڏي کان، ڪلهي کان، مٿي کان، پوءِ وري ساڄي ڪلهي ۽ ساڄي گوڏي کي ڇُهي دنگ ڪنديون آهن. انهيءَ ريت ي گهمرا اهو ساٽ ڪنوار کي ڪن ۽ پوءِ ڪنوار جو پوتيءَ کي ڳنڍ ڏيئي، منڌي ڦاسائي، گهوٽ کي به ٽي ڀيرا اهڙو ساٽ ڪن.

(3) ڊامڻ لٺڙيون (ڇَمَڪُون) ۽ وڃڻي جو ساٺ: ڊامڻ، هڪڙو گاهه جو قسم آهي، جو جبل پاسي ٿئي، اتي جا ماڻهو ان جون ٽاريون يا لامون پٽي ان سان ساٽ ڪن؛ پر اسان وٽ ڊامڻ ڪونه ٿئي، تنهنڪري ڊامڻ جو رڳوساٺ ڳيو ڳائين ۽ وڃڻيءَ جو ساٽ، منڌيءَ وانگي گهوٽ ڪنوار کي ڪن۽ وڃڻيءَ جو به ساٺ ڳيو ڳائين.

(4) سوني ۽ سونگيءَ جو ساٺ: هي ساٺ به منڌيءَ وانگي، سونگو ڪپڙي ۾ اٽڪائي ڪن، ۽ ان مهل سوني جو ساٺ ڳيو چون. ڪٿي ڪٿي سونگي بجاءِ، ڳاڙءُ هين اٽين جو ساٺ ڪن. اهي اٽيون مانڌاڻيءَ جي نيٽي يعني چم جي وڍيءَ ۾ ٻڌل هونديون آهن. انهن جو به ساٺ ڳيو ڳائين ۽ منڌي وانگي ساٺ ڪن.

(5) مُٺ کولڻ يا ڏوري ڇوڙڻ جو ساٺ: ڪنوار کي هٿ ۾ کارڪ يا منڊي ڏئي چونديون ته مُٺ بند ڪر. پوءِ گهوٽ کي چونديون ته ڏائي هٿ سان، هٿ جو ٻُڪ، مُٺ مٿان رکي، زور ڏيئي، مٺ کول! ٻيو ڪوبه نمونو قبول ناهي، جي مٺ نه کوليائين ته چوندس ته ڪنوار جو ٿورو مڃ. جي کولي ويو ته گهوٽيتيون واه واه ڪنديون. ان کان پوءِ ڪنوار جي ٻِٽ جو پلاند، گهوٽ جي اجرڪ جي پلاند سان ٻڌي، چوندس ته کٻي هٿ جي چيچ ۽ آڱوٺي جي زور کي ملائي، ڏورو کول. جي کولي نه سگهيو ته ٿورو مڃائيندس ۽ تيستائين ساٺ ڳيو پيو ڳائبو.

(6) تِرَ مَئڻ جو ساٺ: جتي تر هوندا آهن ته اُهي، نه ته چانور ۽ کارڪون ٿالهه ۾ وجهي، گهوٽ ۽ ڪنوار جي وچ تي رکن. ساٺ ڳيو ڳائبو، گهوٽ ٽي ڀيرا ٻڪ ڀري، ڪنوار جي ٻُڪن ۾ وجهندو ۽ ڪنوار به ٽي ڀيرا ٻڪ ڀري، گهوٽ جي هٿن ۾ وجهندي.

(7) ڦُل چونڊائڻ: جي سچا ڦُل يعني گل نه مليا ته ڪپهه جي پوڻيءَ مان پَها يا ٻُڙا ٺاهي، ست سهاڳڻيون، اهي ڦُل ڪنوار تي اڇلينديون ۽ گهوٽ کي چونديون ته سڀ ٻُڙا چونڊ، جيستائين ساٺ ڳيو ختم ٿئي. پوءِ اهي ٻُڙا سندس پاڳ ۾ وجهنديون ۽ ٻاهر وڃي کوهه ۾ وجهي ڇڏي.

ڪنوار جو منهن ڏسڻ: ساٺ پورا ٿيا ته گهوٽ کي ڪنوار جو منهن ڏيکارينديون. ان لاءِ ڪنواريتيون چوندس ته چـﺆ ڪانون ڪانون، آءٌ ا﷢ جو ٻانهو. انهيءَ تي وڏي ڪشمڪشان هلندي، نيٺ گهڻي ريڙهه ٻيڙهه کان پوءِ، ڪنوار جي جوٽِن تي آهري يا آرسي رکي، گهوٽ کي چونديون ته هاڻ هن آرسيءَ ۾ منهن ڏس. ڪٿي ڪٿي ته منهن تان پلـﺆ کڻي، منهن ڏيکارين. ڪانون ڪانون به ڪونه چوائين. منهن ڏسڻ کان پوءِ گهوٽ کي ڪوٺيءَ ۾ وٺي وڃي، ڪنوار جا پير ڌئارين ۽ پوءِ ٻنهي کي اڪيلو ڇڏي، ٻاهر نڪرن ته ڀل ته محنت جو ڦل ماڻين ۽ مائٽن جا پورهيا صاب پون.

انهيءَ ڏينهن، شام جو مارڪو (معرڪو) لڳندو، جنهن ۾ سڀ ڪاڄيتيون گهورون ڏينديون ڳائينديون نچنديون. کين راڄ واريون ۽ سياءُ- ڀيڻون مبارڪون ڏينديون.

نيکيٽي: جي ڪاڄ ساڳئي ڳوٺ ۾ ڪيل هوندو ته ورندي رات جو، ڪنوار کي مائٽن مان وٺي، ڪنهن پنهنجائپ جي يا لاڳاپيدار جي گهر ۾ رهائي، اُتان پنج ساٺ، جن ۾ کير پيارڻ جو ساٺ، منڌيءَ جو ساٺ، وڃڻي جو ساٺ، ونگي جو ساٺ ۽ تِرَ مئڻ جو ساٺ هوندا. سي ڪري، پوءِ گهر آڻيندا. پر جي ٻاهر جي ڄڃ هوندي ته اها رات ڪنواريتن ۾ ٽِڪندي ڪنواريتا، ڪنوار جي ماني ڪندا ۽ صبح جو ڄڃ رواني ٿيڻ مهل، ڪنوار جو پلـﺆ گهوٽ جي پلئي سان ٻڌي،. هڪ هڪ مائٽياڻي اوڇنگارون ڏيئي، ڪنوار کان موڪلائيندي. اها مهل اهڙي هوندي آهي، جو سخت دل زالن توڙي مڙدن جي دل کي به ڌڌڪو اچي ويندو آهي، ڄڻ ته گهر مان جيئرو جنازو نڪري رهيو اهي. ان مهل ڳائڻ واريون نِکڙڻ جو ڳيچ ڳائينديون آهن. مثال اسين پنهنجي مومل وٺو پيا وڃون. مائٽن مان ڪنوار جي ڀيڻ، ماءُ يا ماسي ڄڃ سان گڏ هلندي. ڪنوار کي پرديس ۾ اڪيلو نه ڇڏيندا، جيستائين واقف ٿئي.

لاڳ ڏيڻ: ٻئي ڏينهن، راڄ جا اڳواڻ مبارڪي لاءِ ايندا، جن مان هرهڪ کي اجرڪ ۽ پَٽيل کي لونگي لاڳ ۾ ڏين يا سڀني کي روڪڙ ڏيندا. مڱڻهار جي گهور وٺندا. ڪٿي ڪٿي کدڙا فقير به ڳائي لاڳ وٺن. مينگهواڙ، جنهن جُتي گهڙي هوندي ۽ ڪنڀار، جنهن ٿانءَ ڏنا هوندا، سي به اُجوري بجاءِ لاڳ وٺن. ان کان پوءِ جيڪو به ماڻهو گهوٽ لاءِ ڊوهِڻو (تحفو) کڻي اچي پيو مبارڪ ڏيندو، تنهن کي ڪجهه نه ڪجهه پيو ملندو. نياڻيون سياڻيون، جيڪي ٽِڪايون هوندائون، انهن کي به جورا، اونڌر ۽ اوڍڻيون يا روڪڙ ڏيئي، ڳوٺ ڇڏي ايندا. جن کان جيڪو سامان اڌارو کنيو هوندائون، سو انهيءَ کي واپس ڪندا.

ستاوڙو: ست ڏينهن، ڪنوار گهوٽ جي گهر ۾ ڪوبه ڪم ڪار نه ڪندي. گهوٽ کيس راضي رکڻ لاءِ شيون، مٺايون ۽ ميوا آڻي پيو ڏيندو. سندس آيل مائٽياڻي، سندس اندر ٻاهر جي حاضري ۾ هوندي. راڄ جون زالون پينڍون ٿي ڪنوار جو منهن ڏسڻ پيون اينديون؛ پوءِ لوڪ منهن موڪ آهي ڪي چونديون هڙ هلاڪ پئسا ئي پاڻيءَ ۾! ڪي چونديون ته هنن جا وڏا ڀاڳ، جو ههڙي سهڻي سدا ملوڪ ۽ سلڇڻي ڪنوار ملي اٿن! ڪنوار به گهر جو سمورو چالامانو پئي ڏسندي. ستن ڏينهن کان پوءِ، بعضي ڪن حالتن ۾ ٽن ڏينهن يا پنهجن ڏينهن کان پوءِ ۽ جي ويجهڙائي هوندي ته ڪنوار ستاوڙو کائڻ لاءِ مائٽن ۾ ويندي. جي تمام پرانهو پنڌ هوندو ته مهيني ٻي يا ٽئي مهيني کان پوءِ هڪ ڀيرو مائٽ وڃي ڏسندي. گهوٽ ۽ ڪنوار ٻئي گڏجي پيڪن ۾ ايندا. جتي انهن لاءِ ڪنوار جا مائٽ رڳو اُڀ مان تارا لاهڻ ڇڏيندا. ٻي هر ڪنهن قسم جي خدمت ڪري گذرندا. چار پنج ڏينهن رهڻ کان پوءِ گهوٽ، ڪنوار کي ساهرن مان اڪيلو وٺي گهر پهچندو. ڪنهن چوڻي مطابق: نئين ڪنوار، نَوَ ڏينهن، ڇڪيتاڻي تيرهَن ڏينهن، ماري ڪُٽي مهينو! نيٺ ته ڪنوار ويچاري ساهرن ۾ هري مري ويندي، مائٽن جي ڇڪ ۽ سڪ لهي ويندس!

مرڻي جون رسمون.

جياري جياري ماريندو، پر ماريندو به الائجي ڪيئن!

سڪرات: ماڻهو اگهو يا بيمار يا هَل هَلان ۾ ٿيو ته کيس مِٽ مائٽ، عزيز قريب ۽ واقفڪار پڇڻ لاءِ پيا ايندا. خاص طور زالن جا ته ڪٽڪ پڇڻ لاءِ ايندس، جن ۾ سينڌ سڻات، اوڙو پاڙو ۽ راڄ واريون هونديون. انهن مان ڪي مرڻينگ کان ۽ ڪي سندس چاڪري ڪندڙ مائٽن کان پڇنديون ته فلاڻي جو ڪهڙو حال آهي، آهي چاقڙو؟ اُهي ڏک سان ورندي ڏيندين ته اجهو اهو حال اٿس، جيڪو توهين ۽ اسين اکيين ڏسي رهيا آهيون! اَهکيءَ يا سِير ۾ آهي، الله سائين اُڪاري پار ڪندس! اسان پنهنجي وس ۾ ڪونه گهٽايو آهي، ڪئين حڪيم، طبيب، ويڄ ورک ووڙيا اٿئون، پر ڪٿان به ٻاجهه جي ٻُڪمي نه ملي آهي! الله سائينءَ کي وڏي سگهه آهي، وري ته ويرن ڪانهي! جَڏا جياري مَرڪندا ماري! پڇندڙيون انهن جي دل رکڻ ۾ آٿت ڏيڻ خاطر چونديون ته:

ماندي ٿي نه مارئي الله ڀي آهي،

سـﺆ ورهيه جا ڏُکڙا هڪ لحظي ۾ لاهي،

اهڙوئي آهي جو ماڳ پهچائيندءِ مارئي.

مائي، سائينءَ کي بيشڪ وڏي سگهه آهي! پاڻ معافي ڪندو. بندي جا شل عيب نه اُگهاڙي!

انهيءَ مهل کي سڪرات چوندا آهن. سڪرات ۾ بيمار کائڻ، پيئڻ، ڳالهائڻ ۽ ٻولهائڻ ڇڏي ڏيندو آهي. گوگهري پئي لڳندي اٿس. ۽ اکيون ڇت ۾ اٽڪيل هونديون اٿس. هر هر دؤر  پيو ويندو آهي. مائٽ مِٽ آسرو پلي ڇڏيندا آهن. اهڙي وقت تي ڏَس ڏيندڙ، ڏس ڏيندا آهن ته خيرات يا صدقو ڪريو! من ربّ پنهنجو رحم ڪري!

خيرات ڪرڻ:

سڪرات واري مٿان ڦنڊر يا پَهرُو هن نموني خيرات وجهندا. اُن جانور تي بيمار جو هٿ لاهرائي، پوءِ ان کي تڪبير وجهي ذبح ڪري، گوشت غريب غربي کي ڏيڻ، ڪي، جانور کي بيمار جي چوڌاري ڦيرائي، پوءِ ڪُهي گوشت ورهائين ۽ جانور جو ڪجهه رَت دروازي تي هڻي ڇڏين. ان جو مطلب اهو سمجهيو ويندو آهي ته اها قرباني يا خيرات خود مرڻينگ ڪئي آهي، خدا قبول وجهندو! ڪي مِٺو ڀت رڌي، ٻارن معصومن کي ڪوٺي، کارائي ۽ پئسو پئسو هٿ ۾ خيرات ڏين، اهو پئسو مرڻينگ جي هٿان ڏيارين.

سڪرات ۾ اگهي ماڻهوءَ جي سيرانديءَ کان قرآن شريف مان سورة يٰس يا سورة الجاثيـﺔ پڙهندا آهن. اهي سورتون گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا، وڌ ۾ وڌ انتقال تائين پيا پڙهندا آهن. ڪي بروقت قرآن شريف جا ٽيهه ئي پارا پڙهائين، ڪي مرڻينگ جي ڀر ۾ ويهي وڏي آواز سان ڪلمو طيب لاالٰـﮧ الاّ الله مُحَمّدُ الرَّسُوۡلُ الله پڙهن، جيئن ڪلمي جو آواز ڪنن ۾ ٻُريس ۽ پاڻ به ڪلمو اُچاري يا سندس سيرانديءَ کان ويهي تلقين ڪن. جنهن ۾ کيس نالو وٺي چون ته ڀر ڪلمو مِٺي محمّد (صلي الله عليه وآله وسلم) تي!

پڇندڙ زالون، اتيئي بيمار جي حالت ڏسي چونديون ته هاڻ ڳالهيون الله سان اٿس، تارَ ۾ آهي! هاڻ بچڻ جي اميد گهٽ آهي، نڪ نڪري آيو اٿس، هٿ ذر ذر شهپر تي پيو هڻي (زال هوندي ته سينڌ پئي ٺاهي) اکيون ڪُوڙيون ٿي ويون اٿس، هيٺيون ڌڙ صفا ساهه ڇڏي ويو اٿس، هن پيرن جا نُنهن ڪاراٽجي ويا اٿس؛ ٻيو مرڻ کي سڱ ڪونه ٿيندا آهن. توهين به ننڍڙيون ته ڪونه آهيو، اي فلاڻي، تنهنجي هٿن مان به سٿ ويا آهن، ڇا ٿي سمجهين؟ ٻيون چونديون ته برابر سچ ٿيون چـﺆ. اِتئين چڙهيو ته ڪَرَ نئون ڄائو. حال ڪونه ٿو ڏسجي. الله سائين راڻن کي راڻا ۽ ڪاڻن کي ڪاڻا شل بخشي بچائي ڏي! جوانن کي جواني بخشي! مشڪل آسان ڪري! سانگ سُرهو ڪريس! اِنسان ويچارو، نيٺ جِي جِي مرندو! ٺِڪر جو ٺهيو آهي سو ڀڄڻ ڪاڻ! الله جي در سدائين توبهه آهي. ويچارو، دم پَهَر جو مهمان آهي! گهڻي تڪليف ۽ لوڇ پوڇ ڏسي، ايئن به چونديون ته انهن عذابن کان رب پاڪ کڻي پنهنجو ڪريس ته چڱو! ٻيون وري ڏڍ ڏيڻ ڪاڻ چونديون ته مائي، الله جا عجب رنگ آهن، من کڻي کيس جيءَ ڏاڻ ڏي! پَريان سا ڏور ڏاڍي هجيس ته چوڻو، اوڻو ٿيندوئي ڪين. جنهن جي اک ۾ گهاڻو گهميو، تنهن به موت نه قبوليو!

هوڏانهن مرڻينگ جي ڦُوڪ ٽٽي ته هيڏانهن هڪدم روڄ راڙو شروع ٿي ويندو: آ منهنجا جيجڙا اَبا!  آ منهنجا جيجڙا ادا! آ مون ولِهيءَ جا وَر! آ للنگهه گهوٽم! (زال لاءِ جيجڙي ماءُ، جيجڙي ادي وغيره) ڪري پيون زالون ٻاڪارينديون هوشيار زالون مُڙدي جي سرانديءَ کان وهاڻو ڪڍي، اکين جي مٿان هٿ رکنديون، جيئن اکيون ڦاٽل نه رهنس. اڳڙيون کڻي ڄاڙي ٻڌندس ۽ ٻنهي پيرن جا آڱوٺا ڇڪي ٻڌندس. ٻانهون سڌيون ڪري کٽ جي سيرانديءَ کان واڻ ۾ ڊگهي لٺ اُڀي کوڙي، اُن جي مٿان رَلي وجهي ڇڏينديون.

ميت جي سرانجامي: گهر جا مڙس ماڻهو ۽ ڪي پاڙي جا همراهه اوطاق، اوتاري يا پڌر تي تڏو وڇائي پٿر وجهي ويهندا ته راڄ وارا ۽ مائٽ، همدردي ۽ ڪم ۾ مدد ڪرڻ لاءِ اتي اچي ڪَٺا ٿين، (2) ڪي جوڙي پوتي (ڪفن) وٺڻ لاءِ ويندا، (3) هڪڙو ڄڻو مڙدي تان ڪاڻُون ڪَڇي قابرو ڏانهن ويندو، جي قبر کوٽڻ وارو مقرر ڪيل نه هوندو ته منجهانئن ئي ٻه ٽي همراهه قبر کوٽڻ ويندا، (4) هڪڙو غسّال يعني تَڙ ڏياريندڙ مُلين ڏانهن ويندو، (5) ڪو غسل ڏيڻ جو ڦرهو کڻي ايندو، (6) ڪو غسل جي پاڻي ڪوسي ڪرڻ لاءِ ڪٿان ديڳ آڻيندو،  (7) هڪڙو قاصد ٿي، راڄ کي قضيي جي خبر ڏيندو ته فلاڻو گذريو آهي. فلاڻي وقت تي کڻندس، اچي ڀتر ڀائي ٿجو ۽ (8) پرانهين پنڌ تي چتاءَ لاءِ قاصد ويندو، جو خاص طور مئل جي پٽ، ڌيءُ، ڀاءُ، ماءُ وغيره جهڙن ويجهڙن مائٽن کي وڃي خبر ڏيندو ته جهٽ پهچي هلي مُنهن ڏسن. اهڙي قاصد کي زباني يا لِکت ۾ اهڙو احوال ٻڌائيندا ۽ چوندس اُڏام ڄڻ ويو ئي ڪين آهين. مطلب ته ساٿ سُرهي ڪرڻ ڪاڻ، سڀ مِٽ مائٽ مئئِ جي ڪم ۾ جنبي ويندا.

سگهري مرد جو ميت:

جوڙي پوتي (ڪفن) آڻڻ: جيڪو ماڻهو ڪفن وٺڻ ويندو، سو پاڻ سان هيءُ سامان آڻيندو: اٽڪل ٻارنهن وال پٽيون (هرک)، وال بافتو، اَڇي ڪپهه، عطر جون شيشيون، ڪافور، ڌوُپ، گلاب جو عرق، ميٽ سُئي ڍيري، سرهوصابڻ، ڇپيل عَهدنامو، ٻه اجرڪون (هڪ لڱ نچوڙڻ لاءِ ۽ ٻي ڇاڙ لاءِ)، نئون تڏو ۽ ٻه نوان ٽڪر جا ڪـﺆنرا. اهو سامان آڻي اوطاق (پٿر) تي رکندو. جوڙيءَ تي گهٽ ۾ گهٽ ويهه پنجويهه رپيا خرچ اچي ويندو آهي.

جوڙي پوتي ٺاهڻ: مُلون (غسال)، بروقت اُن هرک کي ڦاڙي ٻه چادرون اٽڪل ساڍن پنجن فوٽن جي ماپ جون ڪندو ۽ هڪ چولي (الفي) اٽڪل چئن فوٽن جي جدا ڪري رکندو. ڪپڙي جي بر کي ٽوپو ڏئي، ٻئي چادرون ڳنڍيندو؛ بافتي مان ٻه هَٿيا، اٽڪل چار آڱرن ماپ جيترا ٽڪرا ڦاڙي جدا رکندو. انهيءَ ڪم ۾ پٿر تي ويٺل ماڻهو پڻ هٿو پاري ڪرائيندس، پوءِ اهو سامان تڏي ۾ ويڙهي رکندو.

تڙ (غسل) جي تياري: جنهن جاءِ تي مڙدي کي تڙ ڏيڻو هوندو، اتي اول هڪ چَري کوٽيندا ته پاڻي اتي گڏ ٿئي، ان کي حد به چون. حد جي پاسن کان پڪيون سرون رکي پوءِ انهن جي مٿان ڦرهو ڦهڪائي رکندا. پاسي ۾ سرن جي چُلهه ٺاهي، ان تي ديڳ رکي پاڻيءَ سان ڀريندا، پاڻيءَ ۾ ٻير جا پن يا ٿورو لوڻ وجهي هن کي ٻارڻ ڏيندا، جيستائين پاڻي ننهن سَهسڙو ٿئي.

تڙ يا غسل ڏيارڻ: لاش کي هڪ ماڻهو سيرانديءَ کان ۽ ٻيو پيرانديءَ کان کٽ جهلي، کٽ کڻي آڻي حد وٽ رکندا، ۽ پوءِ لاش کي لاهي، ڦرهي مٿان، الهندي پير ۽ اڀرندي مٿو ڪري سنئون سمهاريندا. مُلون پاڻ سان سڀ سامان ڪـﺆنرا ڌوئي ڌمالي پاڻيءَ جا ڀري، واري تي ڏيندا ويندا. ملون، اول مڙدي جون پٽيون کوليندو، ڪو زيور پيل هوندس ته اهوبه لاهيندو؛ پوءِ بت جا ڪپڙا لاهي، سٿرن تي بافتي جو ٽڪر ستر ڪري مٿان رکندس. اتي ڪنهن ٺڪر جي پاٽ يا طباخ يا وٽي ۾ بنا تيل جي ميٽ پسائي، مُلين جي ڀر ۾ رکندا. ملون پهريائين هٿ جي مٿان ڪپڙي جو هٿيو چاڙهي، هٿ ۾ کڙو يا ڀتر کڻي، مڙدي کي اِستنجا ڪرائيندو، پوءِ وضو ساريندس، پوءِ لڱن  کي ميٽ مکي، لڱ ڌئاريندس. ميٽ ڪڍڻ کان پوءِ، سڄي بت تي سرهو صابڻ هڻند، اهو ڌئاري پوءِ شهادت جي ڪلمن سان ٽي ڪـﺆنرا پاڪائيءَ جا نائيندس. غسل مهل مڙدي جي ڪنن، ناسن ۽ وات ۾ ڪپهه وجهي ڇڏيندو، جئن تڙ جو پاڻي اندر جسم ۾ داخل ٿي نه سگهي. وهنجارڻ کان پوءِ ڪنهن ڪپڙي يا اجرڪ سان لڱ نچوڙيندس.

ڪفن ڍڪائڻ: کٽ تي، نئون آندل تڏو وڇائي، ان جي مٿان ٻئي چادرون ڊگهيون پکيڙي، انهن جي مٿان الفي يا ڪفنيءَ جي ڳچي هٿ سان ڦاڙي، پوءِ، انهيءَ الفيءَ يا چوليءَ تي خاڪِ شفا يعني عربستان مان آيل مِٽيءَ جي ٽِڪي گلاب جي عرق مان ٻوڙي؛ يا وري عرب مان آيل آبِ زمزم جي دُنگي يا دٻي کولي، ان مان خاڪِ شفا ٻوڙي، چوليءَ تي اشهد جا ڪلما لکي يا ڪلمه طيب لکي، چوليءَ جو هڪڙو هيٺيون پاسو چادرن مٿان وڇائي ٻيو پاسو ڳچيءَ وارو اٿلائي بيهندو، ٻه ماڻهو لاش کي ڦرهي تان کڻي کٽ تي الهندي پير، اڀرندي مٿو ڪري، ڪفن جي مٿان سمهاريندو. ملون ڦاٽل ڳچي مٿي مان اڪاري، مٿيون پاسو پيٽ مٿان وجهي برابر ڪري، چادرن جون آنديون ڦاڙي، هڪڙيءَ مان ٻه ٽڪر ڪري، سيرانديءَ پيرانديءَ مُٺين لاءِ ۽ ڇاتيءَ، ڪنن، ناسن ۽ اکين جي ڇپرن مٿان ڪافور ڀوري ٻُرڪيندو. اُن کان اڳ، عطر منهن کي ۽ بدن کي مکيندس ۽ ڇٽيندس. پوءِ ريڙن سان مُٺيا ٻڌي ۽ ڇاتي کي به چوڌاري آنديءَ سان ٻڌي، ميت جي سيرانديءَ ساڄي پاسي، قرآن شريف، زمزم جون دُنگيون، ڇپيل عهدنامو رکي ملون نڪري ٿيندو ٻاهر.

منهن ڏسڻ (لاش کان موڪلاڻي): جڏهن اوري پري جا سڀ گهرايل اچي گڏ ٿيندا ته پهريائين منهن ڏسندا: هڪ مائٽ منهن ڏسڻ لاءِ لاش جي سيرانديءَ کان بيهي مٺيو کوليندو ۽ سڀني کي سڏ ڪندو ته اچي منهن ڏسن. جنهن تي سڀ ويجها مائٽ زالون توڙي مرد، اوڇنگاريون ڏيندا، اَشهد جا ڪلما پڙهندا ۽ سبحان الله سبحان الله چوندا کٽ جي چوڌاري مِڙي اچي بيهندا. ڳپل وقت تائين منهن ڏيکارڻ بعد مٺيون بند ٿيندو.، پوءِ ميت تي ڇاڙون يا سامُون وجهندا. جن مائٽن ڪپڙو نه آندو هوندو، سي وارث کي روڪڙِ رقم ننگ ڪري ڏيندا. ڇاڙن ۾ اجرڪون ۽ لونگيون هونديون آهن.

جنازو مقام ڏانهن کڻي هلڻ: منهن ڏسي، رڙيِ روئي واندا ٿيندا ته ڪانڌين کي جنازي کڻڻ جو سڏ ٿيندو، جي پٿر تي اوسيڙي ۾ ويٺا هوندا. پهريائين ٻاهر هڪڙي کٽ وجهندا، پوءِ ٻه ٽي مائٽ لاش کي تڏي سميت، سيرانديءَ پيرانديءَ ۽ چيلهه وٽان هٿ ڏئي ٻاهر کڻي آڻي کٽ تي رکندا. ان سان گڏ، پرڻ ۾ ڪوبه اناج، جو زالون پتڻ اُڪرڻ لاءِ ڏينديون، سو ۽ قرآن شريف، آبِ زمزم جون دٻيون عهدنامو وغيره لاش جي ساڄي پاسي کان رکندا يا ڪو ماڻهو جنازي سان گڏ کڻي هلندو. ڪانڌي اشهد جا ڪلما ڀري اچي ڪلها ڏيندا: پهريائين چار ماڻهو ڪلهو ڏيندس، پوءِ جيڪو نئون ماڻهو ڪلهو ڏيڻ لاءِ ايندو، سو اول سيرانديءَ ساڄي پاسي واري همراهه جي اڳيان وڌي پاڳي کي اچي جهليندو، اهو همراهه پوئتي هٽي ساڳئي پاسي واري پيرانديءَ واري ڪانڌيءَ جي اڳيان ٿي، هن کي آجو ڪندو؛ اهو ساڳيو همراهه وڌي اچي کاٻي پاسي، سيرانديءَ کان ڪلهو ڏيندو ۽ پهريون ڪانڌي هٽي پيرانديءَ ڏي ويندو. اهڙي طرح هر هڪ ماڻهو چار ڪلها، چئني پاسن کان ڏيندو رهندو. جنازي کي  پير پير ۾ آهستي آهستي کڻي پيا هلندا ۽ اشهد جا ڪلما آهستي يا وڏي سر پڙهندا هلندا، چوندا هلندا ته آهستي آهستي هلو جئن ميت کي لوڏي جي تڪليف  نه اچي. تنهن هوندي به جي تڪڙو هلندا آهن ته چوندا آهن ته ميت کي قبر جي ڇِڪ ٿي ٿئي! جي مولودي ميسر هوندا ته اهي جنازي اڳيان مولود چوندا هلندا. ڇوندڙ، ميت جي پٽن ۽ ڀائرن کي چوندا ته بابا، مڙس ٿي ڪُلها ڏيوس، اڄ مهل اٿوَ جيترا ڪلها ڏيَڻا هجنوَ سي ڏيوس. آخرين خدمت اها سنڀرندو. الله ڪيو جو پنهنجن هٿن ۾ سُرهو ٿيو، پنهنجا ئي هلي لوڙهه لٽيندس! اهڙي طرح جنازو آڻي مقام جي ڀر ۾ ڪنهن اڇي پڌر يا جنازي نماز پڙهڻ واري مسجد جي اولهائين طرف رکندا.

جنازي نماز: ڪانڌي جنازو رکي، وڃي وضو ساريندا. جڏهن رهيا کُهيا جماعتي سڀ ايندا گڏ ٿيندا ته اِڪي درجي ۾ صفون ٻڌي بيهندا يعني: هڪ ٽي، ست، وغيره صفون ڪندا. پوءِ ملان، جنازي جي اڀرندي طرف لاش جي سيني برابر بيهي، ميت جي ويجهن مائٽن مان پيءُ، پٽ يا ڀائن مان هڪ کان جنازي نماز پڙهڻ جي اجازت گهرندو. اجازت ملڻ کان پوءِ هيئن نيت ڪندو. نيت ڪيم جنازي نماز جي، ساڻ چئين تڪبيرين، فرض ڪفايه، منهن طرف ڪعبـﺔالله جي. (جماعتي چوندا: پٺيءَ هن امام جي) پوءِ الله اڪبر چئي هٿ ٻڌي دعائون پڙهندو، وچ ۾ چار تڪبيرون چوندو. جماعتي به پويان هٿ ٻڌي بيهندا ۽ تڪبيرون چوندا. پڇاڙيءَ ۾ بيٺي ئي سلام واريندو. سلام کان پوءِ سڀئي ماڻهو قل پڙهندا ۽ قلن جو ثواب ميت کي بخشيندا.

قرآن بخشائڻ: مُلان، لاش جي سيرانديءَ کان ويهي، قرآن شريف کڻي، ميت جي هڪڙي ويجهي مائٽ کي اُڀ کوڙي ويهاري، ٻنهي هٿن ۾ قرآن جهلڻ لاءِ ڏيندو ۽ پاڻ چوندو ته هن جيڪي ننڍا توڙي وڏا ڏوهه گناهه ڪيا آهن، جيڪي فرض سُنتون ڄاڻي ٻجهي يا ويسر ۾ ڇڏيون آهن يا گُسايون آهن؛ جيڪي اسلام جا ارڪان پورا نه ڪيا آهن، (جن ۾ صدقا، نذر ۽ نياز سڀ اچي ٿا وڃن) رهجي ويا آهن. تن سڀني لاءِ هيءُ قرآن شريف بخشايان ٿو. هو به سندس چيل اکرن کي ورجائيندو. پوءِ ملان، قرآن بخشائڻ جي دعا گهرندو ۽ ثواب بخشيندو. عزيز، ان جو اجورو حيثيت سارو اتي ئي ڏيندس يا پوءِ گهر پهچائيندس.

بخشان بخشي ڪرائڻ: ڪي وري پاءُ يا اڌ سير کاڌي جو حساب، سڄي عمر سان ٻڌي اهو بخش ڪرائين. مثال ميت جي ڄمار اٽڪل پنجاهه ورهيه مقرر ڪيائون ۽ سندس ڏِيل ۽ قدبت سارو روزانو اڌ سير اناج جو ٻڌندا. انهيءَ حساب سان مهيني جا ٿيندا پندرهن سير ۽ هڪ سال جا ٿيا هڪ سـﺆ اسي سير يعني ساڍا چار مڻ. پنجاهه ورهين جو ڪل اناج ٿيندو ٻه سـﺆ  پنجويهه مڻ. چوندا اي الله سائين، هن، تنهنجي ڏنل رزق مان اٽڪل ٻه سـﺆ پنجويهه مڻ انّ کاڌو، ۽ تنهنجا فرمان ڀڳا اٿس. هن جو هاڻي تو بگر ڪو بِلو ڀيڻي ڪونهي، هن قرآن شريف جي محابي تون هن کي بخش!.

قدم ڏيارڻ: جنازي کي نماز جي جاءِ تان کڻڻ مهل، چار ماڻهو پاڳن جي جوڙ وٽ اِيس ۾ هڪ هٿ وجهي، اشهد جو ڪلمو پڙهي، زمين کان اڌ فوٽ مٿي کڻي، ٽِيوِکون هلي وري هيٺ رکندا؛ اڳيون ماڻهو ساڳئي پاسي جي پوئين طرف ۽ پويون ساڳئي پاسي جي اڳئين طرف وڌي ايندو ۽ وري کٽ يا ڏولي کڻي ڪلما ڀري ٻه ٽي قدم هلندا ۽ جنازي جو رخ به پيا ڦيرائيندا ۽ ٽيون دفعو به ساڳيا ماڻهو ساڳئي طرف تي ، پهرين وانگي بيهڪ وٺي، ٽي قدم ڏئي، جنازو ڪُلهن تي کڻندا ۽ قبر ڏانهن هلندا. انهيءَ مهل وارثن مان هڪڙو ماڻهو ڪانڌين کي چوندو ته ادا، ڪم ڪار واري کي موڪل آهي. جي قبر تيار هوندي ته لاش قبر ۾ لاهيندا، جي دير هوندي ته ترسندا. تيستائين مولودي مولود پيا چوندا.

ڳوٺ مان پرانهين مقام ڏانهن يا پرديس مان پنهنجي مقام ۾ لاش آڻڻ جو دستور: ڪو ماڻهو وفات هڪ هنڌ ڪندو آهي، پر اُن جو لاش سينگاري پَکاري ڏورانهين هنڌ تي نيڻي پوندي آهي. اهڙي لاش کي ڪائِيءَ تي رکي، پوءِ اُٺ تي پاکڙو يا پلاڻ وجهي، اُن جي مٿان اڳئين پاسي ڪائِي سوگهي ٻڌي، پٺيان هڪ ماڻهو، ان کي جهلي ويهندو آهي. انهيءَ اُٺ کي ڳچيءَ ۾ وڏو ٽَلو يا چنگ ٻڌندا، ڇوته هنن جي چوڻ موجب مُئو ماڻهو سڄي واٽ رڙيون ۽ دانهون ڪندو هلندو آهي، جو رڳو جانور ٻڌندا آهن. تنهنڪري اُن چنگ جي آواز ڪري، اُٺ جي ڪَنن تي رڙين جو اثر نه ٿيندو. اُهو ماڻهو اُٺ هڪلي، جڏهن ڌُر پهچندو آهي ۽ مڙدي جو گهر گهاٽ به اتي ئي آهي ته کيس سڌو قبرستان نه نيندا؛ بلڪه گهر ۾ پَهر کن ترسائي، مٽن مائٽن کي منهن ڏيکاري، گهر جو آسائش يا وسرام وٺرائي ۽ پوءِ وڃي دفن ڪندا آهن. اِهو تڏهن ڪندا آهن، جڏهن ماڻهو ٿورا ۽ منزل گهڻي هوندي آهي، پر ٿوري پنڌ تي وڃڻو هوندو آهي ته فقط ٻه ماڻهو، هڪڙو کٽ جي سيرانديءَ وچ تي ۽ ٻيو پيرانديءَ وچ تي مٿو ڏيئي کڻي اُٿي هلندا آهن. ڪجهه پنڌ ڪرڻ بعد، واري وٺائو اچي کين مدد ڪرائيندا آهن.

مُئي سان سڳڻ سوڻ: جيڪو ماڻهو پنجڪين ۾ مرندو آهي: پنجڪيون چوڻ هر ڪنهن مهيني جي پنجين، پندرهين ۽ پجويهينءَ تاريخ کي يا تيرهن تيزين ۾ مرندو آهي: تيرهن تيزيون چون صفر مهيني جي پهرين تاريخ کان، تيرهين تاريخ تائين کي. ته اهڙو ماڻهو، جنهن جاءِ تي دم ڏيندو آهي ته اُن جي مٿان ڇت جو ڪايو ڀڃي يا وڍي ڇڏيندا آهن. سندس کٽ هيٺان پهڻ، جهڙوڪ جَنڊ نِنگهه وغيره رکي ڇڏين. هُن جو لاش ڀِت ڀڃي ٻاهر ڪڍن، يا مٿان سردرو ٽپائي ٻاهرڪن. اُن جي حَدَ ۾ اَڪَ جي ڪاٺي وجهي پوءِ اُها چَري پوري ڇڏين. دفن ڪرڻ بعد اُن جي قبر جي چوڌاري چار ڪِليون کوڙي، اُنهن ڪِلين ۾ ڪَچي سُٽ جا قبر جي چوڌاري وراڪا ڏئي ڇڏين. اهڙي موت واري ماڻهوءَ لاءِ وهم ڪري چون ته اهو قبر ۾ ڪفن ٿو کائي، تنهنڪري انهيءَ ئي سال ۾ سندس سڀ مِٽ مائٽ مرڻ لڳندا! ۽ جي سچ پچ تهتان ڪو گذريو ته ان جي قبر کوٽائي ڏسندا ۽ ڪفن وات ۾ هوندس ته اهو ڇڪي ڪڍي، وات ۾ لوهه جو ڪِلو کوڙي ڇڏيندس.

قبر کوٽڻ ۽ ٺاهڻ: ڪوشش ڪري اتي قبر کوٽارائيندا، جتي ميت جا ٻيا مائٽ به رکيل هجن، ڇوته چوندا آهن ته جيئن هڏا هڏن ڀيڙا ٿين. جي مقرر قابرو نه هوندو ته همراهه ميت تان ڪَڇيل ڪانون ۽ اوزار ڪوڏر، رنبو ۽ تيشي کڻي اچي مقام ۾ ڍرندا ۽ ميت جي پاڙي ۾، اتر کان ڏکڻ طرف قبر جو پڙواڏو کوٽيندا، جو ماڻهوءَ جي سيني برابر هيٺ کوٽي، پوءِ اُن جي اولهائين طرف هڪڙي چيهه، جنهن کي ڳُجهٽ، چُرُ ۽ سامي ۽ به چون، تيشي ۽ رنبي سان، ماڻهوءَ جي ڪَنَ جيتري ڊگهي، ۽ اڌ فوٽ کان ڏيڍ ٻن فوٽن تائين ميت جي بدن موافق ويڪري کوٽيندا. اها کوٽجي تيار ٿيندي ته لاش هيٺ لاهيندا.

لاش قبر ۾ دفن ڪر ڻ: لاش هيٺ لاهڻ کان اڳ، ڪي ماڻهو ڪَچيون سرون، وڏا کڙا، يا گاهه ۽ کٻڙ جا ساوا پن آڻي، اتي گڏ ڪري رکندا ۽ ڪي پئسا ڏئي اهي شيون موجود ڪرائي رکندا آهن، جيئن زمينن جي حالت سارو اهي ڪم اچي سگهن.

ميت واري کٽ، قبر جي اولهائين طرف بلڪل ساميءَ جي مٿان آڻي رکندا. ٽي همت ڀريا ماڻهو، جي ميت جا ويجها مائٽ هوندا، سي ور کنجهي پڙوا اڏي (لحد) ۾ هيٺ لهي پوندا. ٻيا ماڻهو ميت جي ڇاتيءَ هيٺان، پُٺن کان هڪڙو پوتاڙو ڏيڍو ڪري اُڪاري، جنهن جو اولهائون پوڇڙ  ايڪڙ- ٻيڪڙ ڇڏيندا؛ هڪڙو ماڻهو سيرانديءَ، ٻيو پيرانديءَ ٽيون چيلهه واري پوتاڙي کي قابو جهلي لاش کي قبر ۾ لاهيندو، ۽ اهو وچون ماڻهو کٽ مٿان چڙهي لاش لاهڻ ۾ همراهي ڪندو. هيٺ قبر ۾ بيٺل ماڻهن مان، هڪڙو سيرانديءَ کان ٻيو وچ تي چيلهه کان ۽ ٽيون پيرانديءَ کان هٿ سَنوان جهلي، انهن تي لاش وٺي اُمالڪ ڳجهٽ ڏي نيندا. اندر رکڻ کان پوءِ، ڪفن کي ٻڌل ريڙون ڇوڙي، ٻاهر ڪنهن وڻ تي ٽنگيندا. ميت جو منهن قبر ۾ ٿورڙو الهندي طرف ڪعبي ڏانهن ڪندا ۽ ان طرف ڇپيل عهدنامو سامهون رکندس. مٿس گلاب جوعرق يا آبِ زمزم جون دنگيون ڇڻڪائيندا، پوءِ کڙن يا ڪَچين سرن سان ان چُر کي بند ڪندا. ڪي ساميءَ ۾ رکڻ مهل به ميت جو منهن ماڻهن کي ڏيکاريندا آهن. ساميءَ جي بند ڪرڻ لاءِ ڪَچيون سرون هرهڪ سر پاسيري اُڀي مُنڍي ڀر ڳُتيندا سٿيندا ويندا. هيٺان تري ۾ ڇاڙپ لام ٺهڪائيندا ايندا، تان جو وڃي پيرانديءَ وٽ ٻن ٽن سرن جي وڇوٽي ڇڏيندا؛ پوءِ اُن لوگهي ۾ هٿ وجهي، باقي رهيل سامُو ڇڪي ڪڍي وٺندا ۽ اُهو لوگهو بند ڪري، سرن جي چوٽيءَ تي کڙا رکي، پوءِ قبر واري ٻاهرين مٽيءَ ۾ پاڻي وجهي گارو ٺاهي، ان سان ڳجهٽ جون وِٿيون ليپو ڏئي لنبي ڇڏيندا. انهيءَ وچ ۾ هڪڙو ماڻهو کڙن جي جهول ڀري، جيڪي ڪانڌي ۽ ڀترڀائي ٿيا هوندا، تن کان قُلَ، دُرود يا صلواة سڳوري کڙن تي پڙهئي، جهول ۾ کڻي اچي سيرانديءَ کان قبر ۾ لاهي وجهندو. ان بعد، مِٽ مائٽ اشهد جا ڪلما پڙهي، هٿن سان مِٽي ريڙهي قبر جو پڙواڏو ڀريندا ويندا، جيستائين ساميءَ واريون سرون ڍڪجي وڃن، پوءِ ڪوڏر سان مٽي گِهلي پڙواڏو ڀريندا؛ جيستائين سڄو پڙواڏو نه ڀرجي، تيسين ساميءَ جي مٿان زور نه ڏيندا. ڪٿي ڪٿي واري يا نرم مٽي هوندي آهي ۽ قبر جي سامي نه ٺهي سگهندي آهي، تتي پڙواڏي جي وچ تي يَڪٺَپِي چِيهه کڻي ان ۾ لاش رکي، پوءِ ٻنهي پاسن کان اُڀيون پاسيريون سرون


(1)  ڊيل به ڊيلو  ڊول، بيڊولو.

(1)  ڪي اَليِي يا ٽڪڙو به پيشانيءَ تي لڙڪائينديون آهن.

(*)  حمام جو صحيح لفظ ماون ۽ دستو آهي.

(**)  ٿنڀن چٽڻ جو جيڪ ساٺ ڳيو آهي، تنهن ۾ آهي: هي پهريون ٿنڀ آڏڙيو. اهو ٿنڀ نه، پر ٺنڀ آهي. معنيٰ ٺار، مائٽن جو هِنيون ٿڌو ٿيڻ يا ٺرڻ. تنهنڪري صحيح ٿيندو؛ هٻيءَ پهريرن ٺنڀ ٺريو!

[1]  (نوٽ؛ پِرڀن، ڳيچن، ساٺ ڳين، هيرن، ڪامڻن ۽ سوڻن ساٺن لاءِ ڏسو لوڪ ادب سلسلي جو ڪتاب نمبر سورهون، جو سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ڇپايو آهي)

(1)   ڪي وري حج تان آيل، ڇپيل مهرن جا ٻِٽا پنا اکين تي رکندا اهن.

(2)  ان مهل عدت واريون پنهنجي مڙس کي حق مهر بخشينديون آهن.

(3)  وڏا ماڻهو، جن ۾ مير، پير، نواب ۽ امير اچي ٿا وڃن، سي ڪفن ريشمي يا پٽ جو اسگتعمال ڪن. ڇاڙن ۾ ٺٽي واريون زريءَ جي پلاندن سان لونگيون وجهن.

(1)  ڪي مٿان ڪارو غلاف وجهن، جنهن تي ڪلما اڪريل هوندا آهن. وڏن ماڻهن ۾ انهيءَ مهل دهل تي ڍنڍ  وڄڻ اوسارا چوڻ ۽ ڪارا ڪپڙا ڍڪي ماتم ڪرڻ شروع ٿيندو آهي.  امير ماڻهو، لاش کڻڻ وقت ان جي مٿان سونا ڦل ۽ رپيا گهوري اڇليندا آهن.

(2)   جنازي نماز ۾ رڪوع ۽ سجدو نه ڪيو آهي، بيٺي ئي پڙهي پوري ڪبي آهي. اها نماز هڪ قسم جي دعا آهي، ۽ ٻه_ٽي جماعتون به ڪيون وينديون آهن، جي جدا جدا جنازي نماز ادا ڪنديون آهن. جنازي نماز غائبانه به پڙهي ويندي آهي.

(1)  ڪائِي يعني ڪايَن واري؛ ڪايو ڇِليل ڪاٺيءَ کي چون. اها ڪائي، ٻن لڙهن جي وچ ۾ ڏَڪ وڍي، ٻڌي، ڏاڪڻ وانگر ٺاهيندا آهن، جا ميت جي قد جيتير هوندي آهي.

 

 

ڏيئي ڇڏيندا ۽ پاسن ۾ مٽي ڀري ڇڏيندا آهن؛ زمين ڪرڪ وارياسي هوندي آهي ته ڏڪَ وڍي، اهي کوڙي، مٿان تڏو، گاهه يا ڪانا ۽ کٻڙ جا پن وجهي، قبر بند ڪندا آهن؛ جبل طرف وري پٿرن سان سامي بند ڪن، پر ڪنهن به صورت ۾ باهه جي سڙيل سر يا ڀتر استعمال نه ڪندا آهن. اتي سامي، وچ ۾ ڪندا آهن، پر جتي زمين پٿريلي ۽ سخت ناهي، اتي دستور موجب، اولهه طرف ڳجهٽ کڻندا آهن. پڙواڏو سَندرجي ويو ته قبر جي چئني ڪُنڊن تي نشان ڪري يا ڪاٺيون کوڙي، پوءِ بُي يا تربت جي مِٽي پَٽ کان فوٽ ڏيڍ مٿي ڪري بيهاريندا آهن. قبر جي مٽي ذرو به پري نه نه ڇڏيندا، پر کوٽڻ وارن اوزارن کي به ڌوئي دز لاهي بُٺيءَ ۾ گڏيندا. ان کان پوءِ ڪَچيون سرون تربت جي مٿان چوڌاري پکيڙي رکندا ۽ زمزم جون خالي ٿيل دٻيون به سرانديءَ مٿان رکي پاڻيءَ جي ڇٽڪار ڪري تربت کي سوگهو ڪندا.

ميت لاءِ دعائون: قبر جي ٺيڪ ٿيڻ تي، سڀئي ماڻهو اچي قبر جي ويجهو بيهندا. پوءِ مُلان سيرانديءَ جي ڀرسان کاٻي پاسي قبر جي سيني جي سامهون بيهي سوره حشر جو آخري رڪوع، يا ڪاٻي سورة، چڱي آواز سان پڙهندو. ان کان پوءِ، ملون دعا گهرندو. ان وقت ملون توڙي آيل ماڻهو سڀ جُتين ۽ بوٽن مان پير ڪڍي، جُتين جي مٿان رکي بيهندا، ۽ قُلّ پڙهي ثواب بخشيندس. هڪڙو ماڻهو يا مُلان قبر جي سيرانديءَ کان کاٻي پاسي بيهي ٻانگ ڏيندو، ۽ دعا گهري، ختمو بخشي، ڪانڌي مقام مان ٻاهر نڪري، ڪنهن پڌر يا جنازي نماز واري جاءِ اڳيان اچي ڪَٺا ٿيندا. قبر وٽ، ميت جو ڪو مائٽ تيستائين ويٺو ڪلمه طيب ڪجهه وڏي آواز سان پڙهندو، جيستائين سڀ ماڻهو مقام کان ٻاهر نڪري ويندا. اهو به پندرهن ويهن منٽن ترسڻ کان پوءِ، مقام کان ٻاهر اچي، گڏ ٿيل ڪانڌين جي وچ ۾ ٿي ويهندو. ملان هٿ کڻي سورت فاتح پڙهندو، ٻيا به ٻُڪ کڻي دعا پنندا. دعا پوري ڪري اتي عذرخواهي ڪندس. چوندس ته بس يار، خدا ڏاڍو آهي! بيپرواهه بادشاهه آهي! ويچاري تنهنجي مائيٽجي قسمت! خواهش هُجَنئي! هاڻ مڙس ٿي دنيا کي منهن ڏي. مائٽ ڪنهن کي به نيبهه نه ٿيا آهن! اتي هڪڙو ماڻهو اڳواٽ ڪانڌين ۾ نَڪُلَ يا ريوڙيون، ڇوهارا يا بسڪوٽ ورهائيندو، جنهن کي سُوٿي چون. ان جو مقصد هوندو آهي ته ڪانڌپي جي ماني تيار آهي، اها پٿر تي هلي کائي پوءِ وڃجو.

مقام کان موٽ: هٿ فاتح بعد، سڀئي گهرن ڏانهن ورندا. ڪي سڌا ميت جي پَٿَر تي اچي ڪانڌپو، يعني  دال ۾ رَڌل ڀَت کائيندا، ڪي رڳو گوڏي ٻيڪڙ ڪري اُٿندا. ڪانڌين جي اچڻ کان اڳ، هڪڙو ماڻهو تڏو، کٽ، ڇاڙون، قرآن شريف کڻي، ميت جي گهر پهچندو. ڇاڙون ۽ قرآن شريف اندر گهر ۾ ڏيندو. کٽ، ٻاهر دروازي وٽ پاسيري ڪري اُبتي رکي، ڀت ڀر ليٽائي ڇڏيندو، جنهن مان آئي وئي کي خبر پئي پوندي آهي ته هت قضيو ٿيل آهي. ڪي تڏو بروقت جنازي واري مسجد ۾ ڇڏين. جي اهڙي مسجد، مقام جي ڀر ۾ نه هوندي آهي ته اهو ماڻهو تڏو مُلين کي گهر پهچائيندو. ڪي، وارياسي زمين هئڻ سبب، لاش دفن ڪرڻ مهل تڏو به ڏَڪن مٿان وجهي پوري ڇڏيندا آهن. ڦرهو يا ڏولي جتان آندي هوندائون اتي پهچائيندا؛ وهنجڻ جي پاڻيءَ جي ديڳ به جي پرا.ئي هوندي ته ڌڻين جي حوالي ڪندا. حَد، جنهن ۾ مڙدي جي وهنجڻ جو پاڻي پيل هوندو، ان ۾ مڙدي واريون اڳڙيون، غليظ ڪپهه ۽ پاٽ يا طباخ، جنهن ۾ ميٽ مَليو هوندائون، انهيءَ کي به ڀڃي حَد ۾ وجهي لَٽي ڇڏيندا.

لاش امانت ڪري دفن ڪرڻ: جيڪو لاش امانت طور زمين ۾ دفن ڪرڻو هوندو آهي، ان جو وارث، لاش لاهڻ کان اڳ چوندو ته خدا واحد شاهد آهي ته هيءُ لاش، آءٌ هن زمين ۾ امانتي دفن ڪريان ٿو. جڏهن آساني ٿيندي، تڏهن اچي ڪڍندس. اهڙو لاش ڪنهن ڪاٺ جي پيتيءَ (تابوت) ۾ يا تڏن ۾ ويڙهي سيڙهي دفن ڪندا آهن. اهولاش سينگاريل هوندو آهي. اهو قبر جي پڙواڏي جي وچ ۾ پوربو آهي. ان جي دفن بعد قبر مٿان ٻانگ ڪانه چون، جنازي نماز پڙهي دفن ڪندا آهن، ۽ جي وري ڪائي ڪٿي رکيائون ته وري به جنازي نماز ٻيو دفعو به پڙهندا آهن. ڪي معياد مقرر ڪندا آهن ته هيتري عرصي اندر اچي ڪڍايم ته واهه نه ته هن ئي خاڪ جي سپرد آهي. امانتي لاش دفن ڪرڻ مهل ان قبر جي چوڌاري ڪوڏر سان قط ڪڍندا آهن ۽ جي لاش نه ڪڍيائون ته اهو قط کرڙي ڊاهي ڇڏيندا آهن، يا آڱر سان ليڪو ڪڍندا آهن جو پوءِ پاڻهي ڊهي ويندو آهي. وڌ ۾ وڌ ٽن سالن تائين لاش امانت رکي سگهبو آهي.

پَٿَرُ: پٿر، ٻن قسمن جا پوندا، هڪ زالوڻو، جو ميت جي گهر ۾ پيل هوندو، ٻيو مڙساڻو، جو ٻاهر اوطاق ۾ هوندو.

(الف) مڙساڻو پٿر: هڪڙو عزيز اوطاق ۾ ٽن ڏينهن تائين تڏي تي ويٺو رهندو، جنهن وٽ ماڻهو عذرخواهي ۽ هٿ سنوان ڪرڻ پيا ايندا. جيڪي ماڻهو ڀترڀائي يا ڪانڌي نه ٿيا هوندا ۽ مڙدي جي مائٽن سان تعلق رهيو هوندن يا جيڪي پرانهان مائٽ سُڻي ٻُڌي آيا هوندا، سي سڀ عذرخواهيءَ لاءِ ايندا: آيل السلام عليڪم چئي ويهندو ۽ ٻُڪ کڻي سورت فاتح پڙهندو، ٻيا ويٺل به هٿ کڻندا. سورت پوري ڪري چوندو ته الله بي نياز، بادشاهه آهي! توبهه ڪبي! ويچاري جي قسمت! پوءِ اڳلو اٿي کيس کينڪاريندو. ويجها سڄڻ هوندا ته روئي پوندا. پوءِ ويهي خبرون چارون ڪندا. ٽي ڏينهن، اهو پٿر تي ويٺل عزيز صبح شام، مقام تي مرحوم کي قل پڙهي ختمو بخشيندو رهندو. ٻيا ويجهڙا مائٽ يا لاڳاپيدار بسترا کڻي اچي، ٽي راتيون پٿر تي سمهندا ۽ ڪم ۾ هٿو باري ڪرائيندا، جيستائين ٽيجهو ٿئي. پوءِ ٽيجهي تي وهنجي بسترا کڻي گهر ويندا. ٽيجهي لاءِ پري توڙي ويجهو رهندڙن، دوستن ۽ مائٽنم کي دعوت موڪليندا ته مرحوم جي خيرات جي ماني کائڻ لاءِ اچي حاضر ٿجو. ان ڏينهن پلاءَ وغيره رڌين ۽ اهو ماڻهن کي پٿر تي کارائين. ڪن کي گهرن ۾ ٿانءَ به موڪلين. ڪي ماڻهو اها ماني پهت يا پاهت جي ڪري هلائين يعني کائڻ بعد هرهڪ ماڻهو رپيو يا ٻه رپيا وارثن کي ڏيندو ويندو، جيئن ميت جي خرچ ۾ اوڄ اچين،. اُن ڏينهن تي، ميت واري کٽ کڻي اندر گهر ۾ رکندا.

(ب) زالوڻو پٿر: جيئن ڪانڌي مقام تان موٽندا، تيئن باقاعدي سياڪو يعني روڄ راڙو شروع ٿيندو. اُن مهل، زالون منهن ڍڪڻ لڳنديون. هڪ راڄ جمعدارڻ، جنهن کي راڄئي به چون يا ڪابه وڏي پري زال اشارو ڪندي، جنهن تي سڀ زالون پنهنجي پنهنجي منهن تي گندي يا پوتيءَ جو پاند وجهي روئڻ شروع ڪنديون. هر ڪا پنهنجن پنهنجن مٽن مائٽن کي، جيڪي ويجهڙائي ۾ گذريا هوندا، تن کي ياد ڪري نالا وٺي پئي روندي ۽ ٻاڪاريندي. ان لاءِ ئي چوندا آهن ته پٿر پرائو، سُور سڀڪا پنهنجا روئي. ٿوري وقت کان پوءِ هر هڪ زال ميت جي مائٽياڻين سان، جي قطار ۾ ڀت جي ڀر وٺي ويٺيون هونديون، ريڙهي وڃي ڳِري لڳندي، يعني ٻنهي جي مُنهن تي پلاند پيل هوندو. هڪٻئن جي ڪُلهن تي هٿ يا ٻانهو رکي للهنگ پار ڪڍنديون ۽ جگر ڦاٽيون دانهون ڪري پيون روئنديون. واري واري سان اوڇنگارون ڏينديون، ڳِري لڳنديون وينديون. ٿڪجي پوڻ تي اها وڏي راڄئِي روڄ بند ڪرائيندي، چوندي ته اما، توبهه ڪريو! توبه ڪريو! ڌڻيءَ جي شيءِ هئي، ڪنهن جو وس ٿوروئي ٿو هلي! الله ڏاڍو آهي. توهانجن هٿن ۾ سُرهو ٿيو، گهڻن سورن کان چٽي پيو. الله مرهيندس! رب جي سرڪار ڏاڍي آهي. گهڻو روئي، هن جي روح کي تڪليف نه ڏيو! توهان وٽان ڇا نِيو اٿس! سڀڪجهه اتي ڇڏي ويو آهي. هُو ته پنهنجو وارو وڄائي ويو. پاڻ ڪَڙهون پنهنجي حال کي. هاءِ هاءِ ڪي ڪين ڪيوسين! سياڪو پورو ٿيو ته آيلون هٿ مٿي سنئون کڻي، انهن عزيزاڻين سان پرچاڻي ڪنديون. پوءِ دنيا جا لهوارا اوڀارا قصا ڪُٽي نوِيسرا ڪري، گهر روانيون ٿينديون.

سياڪي لاءِ اچڻ: ٽي ڏينهن، صبح شام زالون پيون پٿر تي اينديون ۽ روئنديون. ڪَنڊ (اُڪنڊ) کڄڻ تائين رڳو شام جو اينديون، ۽ عدت کڄڻ تائين سومر ۽ خميس ڏينهن تي خاص طرح، ۽ باقي ڏينهن تي ڪڏهن ڪڏهن پيون اينديون، جيستائين وڃي پڻڇ کڄي. زالون چونديون ته هنن جو وات رت سان ڀريل آهي، هلو ته پٿر تان ٿي اچون.

ڏينهن وار: زالن وٽ هڪڙا سعد ۽ ٻيا نحس ڏينهن ٿين. مئي جي لاءِ وار جا ڏينهن اڱارو، ڇنڇر ۽ سومر سنڀالين، ۽ سعد ڏينهن جمع، آچر ۽ اربعا ليکين. سعد ڏينهن ۾ عذرخواهي سياڪي لاءِ ڪنهن جي گهر ڪونه وڃن. فقط جمع ڏينهن به ڪنهن جي منهن ڪاڻ فاتحه لاءِ به جمعو بعد ڪري پوءِ وڃن. ڇڙي ماڻهوءَ جو چاليهه تي يعني چاليهن ڏينهن بعد پڻڇ کڄندو ۽ سگهري جو عدت جي گذرڻ تي. انهيءَ وچ ۾ جيڪو ڏينهن وار ٿيندو مثال اُڪنڊ کڄڻ (جا نائينءَ يا يارهينءَ ڏينهن تي به کڄندي آهي.) ايڪيهي وغيره تائين زالون، سياڪي لاءِ اينديون رهنديون.

عدت ويهڻ: عدت جو معياد چار مهينا ۽ ڏهه ڏينهن آهي: مئل جون هڪ کان وڌيڪ جيڪي به زالون هونديون، سي سڀ عدت ويهنديون.موت مهل ٻانهيون ٻيڙا ڀڃي ڇڏين ۽ زيور اهي رکن ۽ ڏهاڳ جو وڳو ڍڪين. مئل جي زالن سان گڏ، سندس مائٽياڻيون به سوءَ (سوگ) رکن: سڀئي لسا ڪپڙا يعني بنا ڀرت ڀريل، سادا بنا رنگ وارا، اڇا ڪپڙا ڍڪين. اهي ڪپڙا ڪي بروقت ڍڪين ته ڪي ٽن ڏينهن کان پوءِ. سوءَ واريون زالون کير کنڊ ڪونه کائين. سندن مائٽياڻيون هنڌ بسترا کڻي اچي اتي پٿر تي سمهن. سيرانديءَ کان پڪي سِرَ رکي تڏي تي سمهندي ۽ گهر جي هڪ ڪُنڊ وسائي ويهندي، وڏي سڏ نه ڳالهائيندي، سندس مُنهين ڪوبه رهائيندو مائٽ نه لڳندو؛ باقي پٽ، ڀاءُ ۽ پيءُ پيا ايندا ويندا، منهين لڳندا. پاڻ انهيءَ هڪڙيءَ ئي جاءِ تي قرآن شريف، نماز ۽ صلوات ويٺي پڙهندي، جيستائين عدت جو معياد گذرندو. جيڪي مائٽياڻيون رهنديون، سي ڪم ڪار ۾ همراهي پيون ڪرائينديون: مئل جي خدا ڪارڻ جي ڪڻڪ جي ماني موڪلينديون. اها ماني وڃڻيءَ تي رکي موڪلينديون آهن.

مٿا ڌوئڻ: زالون ٻه ڀيرا مٿا ڌوئينديون آهن: هڪڙو دفعو ٽيجهي يعني چوويهن پهرن پورن ٿيڻ تي، ٻيو ڪَنڊ (اُڪنڊ) کڄڻ واري ڏينهن تي. مٿن ڌوئڻ لاءِ تيل ميٽ ۽ پاڻي ڀرائي اهو ماڻهو ڏيندو، جنهن پهرين ڪُني ڏني هوندي. گهر وارين سان گڏ راڄ واريون به همدرديءَ طور مٿو ڳچيءَ تائين نُوڙائي ڌوئارينديون آهن. گهڻيون زالون وهنجي سڄو بدن ڌوئن. مٿن ڌوئڻ ۽ وهنجڻ ۾ زالون هڪٻين کي مدد ڪنديون آهن.

ڪَڙيون ڪُنيون: پهرين ڪُني ناٺي ڏينبدو (مئل زال کي سندس ڀاءُ ڏيندو)، پوءِ ڀائر، عزيز ۽ مٽ مائٽ ڏيندا. ڪنيون، ٽي راتيون ۽ ٽي ڏينهن ڏيندا. پهرين ڪنيءَ کي روزو کولائڻ چون؛ انهيءَ ۾ ڪانڌپو به اچي ويندو آهي. ڪني ۾ چانور، چڻن جي دال، گيهه وجهي ديگ رڌي لاهين. اهو ڀت، ٻوڙ، آچار ڌؤنري سان کائين، پر مٺاڻ يا کير سان هرگز نه کائبو. جيستائين ختمو ٿئي؛ تيستائين ڪنيون هلائين؛ پوءِ بند ڪن. ڪي ڪُنين جي عيوض روڪڙا پئسا وارثن کي ڏين. ڪنين جو ڀت، پاڙي وارن ۽ مٽن کي به گهرن ۾ موڪلي ڏين. ڪي گهڻو ڪري اتي پٿر تي کائين. گهر ۾ ڀت اچڻ ۽ کائڻ تي حِيلو آڻين.

فقير کارائڻ يا ختمو ڏيارڻ: ميت کي 24 پهر گذرندا ته فقير کارائيندا آهن، سترڇي رڌبي جنهن ۾ پلاءُ، ڊڳڙ، گوشت جو ٻوڙ، سيرو، کيرڻي، رڌل ڀاڄي، مڇي يا پلو، پيهون وغيره هوندا. هڪ ملو، هڪ سيد، ڪ معصوم ٻار يا ڪو پڙهيل عالم ماڻهو ۽ ڪي عزيز گڏجي ويهي کائي ختمو ڏيندا. کاڌي کان پوءِ سُڪو آلو ميوو به سندن اڳيان کائڻ لاءِ يا کڻي وڃڻ لاءِ رکندا، سُرهو تيل جنهن ۾ نازبوءِ پيل هوندي، سوپاريون، ڦوٽا ۽ جوهر جون ٽڪيون به رکندا، اُهي ماڻهو تيل مٿي ۾ سونهاريءَ کي مکندا، اٿڻ مهل مُلين کي نئون وڳو، جنهن ۾ ڳاڙهو رومال، اڇي ٽوپي، اڇو پهراڻ ۽ اڇي ڪائنچ اڳٺ سان هوندي، سا خدا ڪارڻ ۾ ۽ لڱن نپوڙڻ واري اجرڪ ۽ ميٽ وارو وٽو به مُلين کي ڏيندا (امير ماڻهو، مُلين کي مُئيءَ جو هنڌ بسترو، ٿانءَ، سونا زيور، سنڪلي يا پيڙا، مُنڊي وغيره ڏين.)  پنهنجن کي به سَوڻ خاطر طعام مان ذرو پرزو موڪليندا آهن (امير ماڻهو، دال ڀت جي عيوض پُلاءُ يا گوشت ۾ ڀت رڌين، کائين ۽ ورهائين.) ميت کي ختمو، ٽيجهي کان پوءِ ايڪيهي تي وچ ۾ هر جمعي رات پڻ مٺو ڀت، پيهون يا سَيون رڌائي ڏيارين. ان کان پوءِ جمعاڻي، چانڊاڻي، عيد برات تي به ميتن کي ختما ڏياريا ويندا آهن.

ڪَنڊ (اُڪنڊ) کڻڻ: ميت جي ڪَنڊ، ستين، نائيين ۽ بعضي يارهين ڏينهن کڻن، خاص طرح سعد ۽ نحس ڏينهن جي لحاظ سان زالون ڪَنڊ کڻنديون آهن. ان ڏينهن وهنجي وار ڪري يعني روئي رڙي، شام جو مقام تي وينديون، اُتي مُئي کي قُلَ بخشي، ڀڳڙا ورهائي گهر موٽي اينديون آهن.

عدت مان اٿڻ: چار مهينا ڏهه ڏينهن پورا ٿيڻ کان هڪ ٻه ڏينهن اڳي، ڊڳڙ ۽ سِيرو رڌي سيائن توڙ برادريءَ ۾ ورهائندا آهن، ان مان خبر پوندي ته فلاڻي زال عدت مان اٿندي. پوءِ مقرر ڏينهن تي راڄ ايندو. اُن رات جو اَسُر مهل ٻه ٽي مرد ۽ ٻه ٽي زالون گڏجي مُقام تي ويندا. عدت واري مڙس جي بُٺي ڏسي قل بخشي گهر ايندي، ڏينهن جو وار ٿيندو، يعني زالون پنهنجن قريبن کي ياد ڪري روئنديون ۽ پوءِ سُوءَ لهرائينديون. اڳواڻ زالون سُرمي يا سوئڙي جي ڪاني ڀري، سڀني سوءَ رکندڙ زالن کي اکين ۾ وجهارائينديون. تيل مکائينديون، لَسا ڪپڙا لهرائي سَبٽ يا ڀرت ڀريل پارائينديون. سڀئي مائٽياڻيون هڪٻئين ۾ ڪپڙا ڏينديون، وٺنديون. جن ڪپڙا نه آندا هوندا سي روڪڙو ننگ ڀرينديون پوءِ راڄ وارين کي ڀڳڙا ورهائي ڏئي گهروارين ۽ عدت واريءَ کي پرچاڻي ڏئي، سرچائي کٽ تي ويهارينديون، ان ڏينهن ڄڻ ته پڻڇ يا پٿر کڄي چڪو.

ڇڙهي يا ڪُنواري جو ميت.

لاش سينگارڻ: ڪنواري کي تڙ ڏيڻ بعد مينديءَ جو َوڻ ڪن. سندس جناز کيموڙ ٻڌي کڻن، چون ته هن جون لانئون هاڻ قبر سان آهن. هن جو پٿر چاليهي تي يعني چاليهين ڏينهن تي ختمو ڏياري کڻي ڇڏين.

زال ضاعفان جو ميت.

لاش سينگارڻ: زال کي زالون ئي تڙ ڏين، جي مولين  مقرر هوندي ته اها تڙڏيندي. زال جي ميت کي ڪفن وڌيڪ ڍڪائين يعني ڇاتيءِ تي سينابند ٻُڌن ۽ مٿي تي رومالي (نقابو) مٿان ڦيرائي، کاڏيءَ هيٺ ٽانڪو هڻي بند ڪن. مٿان ڇاڙون ۽ سامو: گنديون، پويون ۽ چُنيون اوڍڻيون وجھن. هن جو پڻڇ چاليهي تي کڻي ڇڏين. ٻيا سڀ دستور مرد ميت وانگي ڪن.

ٻار جو ميت

ميت جو سينگارڻ: ٻارڙي کي، پنهنجا مائٽ ئي تڙ ڏيندا آهن. ان جي ڪفن ۾ چولي ڪانه ٿئي. جوڙيءَ ۾ بند ڪري، ننڍڙي منجيءَ يا ٻانهن تي کڻي مقام ڏي هلن. مٿس جنازي نماز پڙهي پوءِ دفن ڪن. ٽن ڏينهن کان پوءَ، ان جو پٿر کڻي ڇڏين. ٽي ڏينهن، ننڍڙن معصومن کي پيهون کير ۾ پسائي کنڊ وجھي کارائين. جي ٻار جي ماءُ جيئري هوندي آهي ته ٽي ڏينهن تي، ان جو هٿ منهن ڌئارائي، سندس جھوليءَ ۾ سائي ميوات وجھي، ڏک لاهڻ لاءِ هدايت ڪن ته هاڻ ٻين جو خير گھر، گھڻو روڄ راڙو چڱو ناهي، الله سائين، تنهنجي خالي جھولي وري ڀريندو، هن جي خزاني ۾ کوٽ ڪانهي! ڏک کي پٺن پويان ڪر. ڌڻيءَ جي رصا تي راضي رهه!

ترڪو ۽ ورثو

ترڪو: ميت جي ملڪيت، جنهن ۾ پئسا مال، ڍور ڍڳا، وهٽ، زمين، جايون، ڪارخانا، زيور، ٿانءَ ٿِپا، هٿيار پنوهار، سواري لاءِ موٽر گاڏيون وغيره جيڪي به هونديون، انهن سڀني شين کي ترڪوچئبو آهي.

ورثو: مثل جا مائٽ جيڪي جيئرا هوندا، تن ۾ ترڪي جي ملڪيت، شريعت موجب ورهائي ويندي آهي؛ پوءَ هرهڪ کي جيڪو حصو شريعت موجب ملڻو هوندو، ان سارو مُئي جي ترڪي مان عالم ڏياريندا آهن. اهڙو مليل حصو، ان کي ورثو چئبو آهي.

مقام سان لاڳاپا

قبر تي وڃڻ: مئل جي بٺيءَ تي پهريان ٽي ڏينهن، مڙدي جو ڪو خاص مائٽ صبح شام ويندو آهي. پوءِ اُڪنڊ کڄڻ جي ڏينهن تي به، تربت تي زالون وڃي قل بخشي اينديون آهن. ان کان پوءِ عدت مان اٿڻ تي سندس زال اَسُر  جو سندس مزار ڏسي ايندي آهي. ڪي چاليهه ۽ ٻارهائي تي به قبر تي وڃن. ان کان پوءِ هرمحرم مهيني جي نائينءَ تاريخ تي عزيز، قبر تي وڃي مٽي وجھن، ڇڻڪار ڪن، قبر کي سنواين ۽ سڌارين. رمضان جي عيد يعني شوال مهيني جي پهرينءَ تاريخ تي به ماڻهو مقام تي وڃي ختمو ڏين.

        ڪو بزرگ، درويش، عالم، مجذوب، وليءُ غوث، يا قطب ملڪ ۾ مشهور هندو آهي ته پوءَ ان جي چوڪنڊي يا قبي جي زيارت لاءِ هميشه وڃن، ۽ ٻاراهو عرس ڪن. اهڙن شخصن جي مرقدن ۽ مقبرن تي ماڻهو باسون باسين، جن ۾ جھينڊ يعني جاد، پَڙُ ڏيڻ قبولي اچن. جڏهن ماد پوري ٿئين ته دُهلن مَامن سان وڃي اهي ڏين. چُوڪنڊيون ۽ قبا لهرائين. ڪن تي ته ٻارهوئي ميلا لڳن، ۽ خلق الله اچيو زيارت ڪري. ڪي ماڻهو ته روزانه، الله جي ٻانهن جي مزار جي زيارت ڪن ۽ ختمو بخشن.

مئي سان ناتا نڀائڻ: ڪي ماڻهو، هر رمضان جي مهيني ۾ قرآن شريف جو ختمو پڙهي، مائٽن کي بخشين. ٻارهين مهيني مائٽن جي نالي تي هڪ وڳو خيرات ڪري، پاڻان ڪنهن مسڪين کي ڏين. ڏينهن ۾ هڪڙو دفعو، رات يا ڏينهن جو، الله جي نالي جي ٽڪي يا لولو، مئلن جي نيت ڪري فقيرن کي ڏيندا آهن. سَرند ماڻهو، اجوري تي ختمو پڙهائي بخشين. ڏينهن ۾ ٻه ويلا مُئن جي روحن ڪاڻ ماني ڏين. خيرات ۾ اوچا اوچا وڳا ڏين ڪي ڪي ته مُئلن جي نالي تي ڪن غريبن کي به ڀليءَ ولايت  عرب ۾ وٺي وڃي حج ڪرائي اچن.

اوسارا ۽ پار

اوسارا: اوسارا، اصلي لفظ آهي اڻوسِريا، جو ڪثرت استعمال ڪري بدلجي اوسارا ٿيو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي هميشه ياد ۽ اڻهي دل تي. هي اوسارا گھڻو ڪري وڏن اميرن، نوابن ۽ پيرن جي موت تي زالون چونديون هيون( هاڻ انهن جو رواج بند ٿيندو ٿو وڃي. اوسارا رڳو امامن لاءِ محرم جي مهيني ۾ زالونڍَنڍ (ياحسين جي ڏونڪي يا ڊَڍُ) وڄڻ تي چونديون آهن.

پار: اصلي لفظ پاروڻا آهي، جو ڪثرت استعمال ڪري مخفف ٿي وڃي پار بيٺو آهي. هن جي معنيٰ آهي ٻول يا اقرار ۽ انجام پورا ڪرڻ. شايد اهي الست بربڪم جا آهن. پار، زالون سڀڪنهن ماڻهوءَ جي موت تي چون. اهي اهڙيءَ جهيل اَلاپ ۽ جذبي جولان سان چون، جو پِتوئي پگهرجيو وڃي! سخت دل آدمي به نرم ٿيو پوي. پار ڪنهن علم عروض ۽ موسيقيءَ جو حصو نه آهن، هي اندر جا اَڌما آهن، جي ڏک ۽ درد وارين زالن جي هانءَ جي باهه کي هلڪي ڪرڻ لاءِ نڪري نروار ٿين ٿا. منجهن مختصر جملا مگر حقيقت سان پُر بيان آهن، نموني طور ڪجھ پار لکجن ٿا:

پرڻيل مرد تي پار:

رانون هوند نه چڱيون، توڙي بادشاهزديون هُون!

---

رنو رنو نه چئو رنو روههَ جِيئن!

ڀِتين ڀر ويهي گهڻا گذارين ڏينهڙا!

ڪُلهي ڦاٽِم ڪنجرو مُئيءَ جو مٿو اگهاڙو!

پيءُ ماءُ تي:

مائٽ ڪِن جا نه مرن، مرن ڏُکيون ڌيئرون!

ما.ئٽن ري ڌيئرون، ڪوٺي ڪنهن پُڇيون!

---

ساڳين سان سڱ، منهنجو ويڳن سان وراڪو!

مر مران آءٌ، منهنجي ڪيچِن کي ڪيم ٿئي!

ڀائرن تي:

ڀائر وڏي وکري، مَر حياتي هُون،

جيئري ٻَر ٻانهن جو، مُئي ڪلها ڏين!

---

ڀائر مڱيا نه ڏجن، ڏجن هاري ڏاندَ!

ڀائرن ڀيرو نه ڪيو، منهنجي ادل لائي اوير!

پُٽ تي:

پُٽ ڪِن جا نه مرن، مرن ڏُکيون مائرون.

آءٌ ته لوڏيئين لال، پينگهه وٽائي پَٽ جي!

---

ڪنگونءَ رتيئه ڪپڙا، مينديءَ رتيئه پير!

---

مرن سڀ طبيب جن ٻُڪي نه ڏني ٻاجهه جي

---

پُٽن مائيَرون، رويو راڄ پُڇن!

---

راند ڪندي ريل ۾، تو ڪيئن جهَٽايو پاڻ!

ڌيءَ تي:

مري ڪام جواڻ،. جواڻين جوکو مَ ٿئي!

---

مائون  ته ڌيئرون، توڙي هئن ڀينرون!

---

هُجنئي سڳي ماءُ ته  ٻڌنئي سورن سندرو!

---

لالر آءٌ لڙي، تو گهڻا لايا ڏينهڙا!

اميرن، پيرن ۽ مرشدن تي:

ڪُونڌر ڪنڌ سندن، پاڳون سندن دُنباريون!

---

پيرل (ميرل) پاءِ پير رڪيب ۾، گهوڙيءَ سونا سنج!

---

پيرل(ميرل) ڪٿي گهوڙو باهڙيو، ڪٿي ڇڏيئه سوار؟

پَٿراڻيءَ پير ڌري، تنهنجو رُنو وِهاڻو!

عام پار:

ڪُونجن ڪوهه ٿيو، منهنجون وري وطن نه آيون!

---

ڪُونجن ڏٺا ڪَک، منهنجون ڍَٻ ڏسيو ڍرڪيون،

ڍرڪيون ڍول مٿان، منهنجون اَڇي بوڇڻ واريون!

بيتن ۾ پار:

ڪانگل ڪُڄاڙو ٿيئه، جو پئين پَٽ ڪِري،

ڪڏهن اُس تِڙڪو نه سَٺئه، اڄ سارو ڏينهن لنگهيئه،

ههڙآ حال ڏسي، تو لئي ڪانگل ڪانگيرا ڪيا!

---

مئا منجهه مقام سڪن ٿا سلام کي.

---

جي مارئي نه ڄائي ته هوند مارو نه پيا مامري!

---

ڪچ ڪمايم ڪوڙ ڀڳم عَهد الله جا،

پڃرو جو پاپن جو چوٽيءَ تائين چور!

---

سُتن ڪهڙي سار، ته ڪي وٺا مينهن ملير تي!

فضل الاهي انصاري

اَکا

هير.

عام چوڻي آهي ته هير ئي سندي هير ٽنگ ڀڳي به نه لهي. هير جو ٻيو نالو عادت آهي.

عدد عادت کي وجود ڏي ٿو. جيڪڏهن ڪو شخص تمام گهڻا ڀيرا ٻيڙي ڇڪيندو ته ان ۾ ان علت جو جذبو نهايت گهرو گهر ڪري ويندو. نسبت رغبت جو ٻيو پهلو بنجيو وڃي. ميلاپ ۾ اثر آهي. ان ڪري ٻيڙي پياڪ جنهن به مهل تي ٻيڙي ڇڪيندڙ هوندو، ان وقت ازخود هن جو هٿ ٻيڙي ماچيس ڏانهن وڌندو. جي هٿ نه آيس ته تيسين پيو هٿوراڙيون هڻندو، جيسين ٻئي وڃي ميسر ٿيندس. اوتارن ۾ ۽ رستن تي ڪئين سائينءَ جا سنواريا اڌڙ چونڊيندا وتندا آهن. ڪيترا مولائي ماچيس جي تيليءَ لاءِ هٿ ڊگهيرڻ ۾ ڪا هٻڪ ڪانه ڪندا آهن، پوءِ ڏيندڙ واقف هجي يا نه. مجبوري آهي جا انسان کي ڪيرائي ٿي. تماڪ جا طالب هن ڇڪ کي ٻاڙ چوندا آهن. هو هڪ قسم جي ضرورت محسوس ڪن ٿا، جا وڃيو ڇڪ جي صورت اختيار ڪري. اهڙي جذبات کي هڪ ڪمي چئبو، جن جي پورائي ڪرڻ فطرتي تقاضا ليکي وڃي ٿي. اهو سوداءُ ڏاڍو زور ڀريو ٿو ٿئي. صحيح معنيٰ ۾ وٺبو ته هن قسم جون خواهشون اصلي ڪمزوريون ڪونهن. چاءِ پياڪ مقرر وقت تي چاءِ طلبيندا آهن، پوءِ جي مهل تي نه ملي ته وئل ٻري ويندو. عادت جي پورائي نٿي ٿئي ته بيچيني ۽ تڪليف وڌيو وڃي عذاب جا وڻ ٿين. ڪن حالتن ۾ ته ويچارو انسان ايترو بي وس ۽ بي اختيار بنجيو پوي جو ڏهاڳڻ خاطر ذلت برداشت ڪرڻ جي قوت پاڻ ۾ پيدا ڪيو وجهي. ضمير کي ڪُهي اچيو قدمن ۾ هڻيس.

هيرون جدا جدا قسمن جون ٿين ٿيون. ٻهراڙيءَ ۾ ڏاڏي حوا جون نياڻيون ٻارهين مهيني پيٽ کي هٿ هڻائينديون آهن ڪٿي وري ڄئورن ذريعي ڪنو رت ڪڍرايو ويندو آهي. ڪي ماڻهو وري پيا اجايون اکيون ڇنڀيندا آهن. اهي سڀ رَوشون هير جون محتاج آهن، جن جو لاهڻ ضروري ٿيو پوي. ڪٿي ڪٿي ننڍڙن ٻارن کي مائر چهو کارائينديون آهن. اها عادت جا ٻالڪپڻي ۾ پرورش پائي ٿي، وڏپڻ تائين هلي اچي ۽ قبر تائين ساٿ نٿي ڇڏي. علحده علحده عادتون انسان تي قابو پائينٿيون، پوءِ انهن مان ڪي مطلب واريون ۽ ڪي بي مقصد آهن.

ڪابه هيرَ چڱي ڪين چئبي. جو به ڳڻ لاچاري ۽ بي وسيءَ جو بنياد ٿو وجهي، اهو حقير ۽ برو فعل چئبو. جو ڪجهه به لاڳيتو ڪبو اچبو اهو نيٺ وڃي عادت بنبو. ان ڪري نهايت نيڪ ڪم ۾ پڻ ناغو وجهڻ ضروري آهي. اهو ئي هڪ ذريعو آهي نجس علت جي پاڙ پٽڻ جو. ان ڪري اها عبادت جا عادت ٿي بڻجي، تنهن کي خلوص سان واسطو نه آهي.

عادت هڪ مرض آهي، هڪ بيماري آهي، جنهن جو نالو آهي وهم. ان جو علاج سُتي پيڻ سان نٿو ٿئي، هي دماغي دونهان ذهني ڦوڪن سان وائکا ٿين ٿا، هن درد کي دور ڪرڻ لاءِ وڏو تحمل کپي. مغز کي صاف ڪرڻ سٿرو ناهي. ڪيترن هنڌن تي ته هن موذي مرض لاءِ ڪا شفا ئي ڪانهي. موجوده زماني، وهم دور ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. حڪمت روڪ ۾ آهي ۽ نه علاج ۾.

آخري سفر.

جنازي سان هلندي، اڪثر ڪنن تي اهو پڙلاءُ پوندو آهي: آهستي آهستي، لوڏو نه اچي ميت کي، عذاب ٿيندو لفظن ٻڌندي ئي ڪانڌين جا پير ڍرا ٿي ويندا آهن.

هاڻي سوال ٿو اٿي ته لوڏي اچڻ سان واقعي ميت کي تڪليف پهچي ٿي يا مٿي ڄاڻايل لفظ بي مطلب آهن، ۽ صرف دنيوي دستور موجب رسم جي پوئواري ڪرڻ لاءِ پڪاريا وڃن ٿا. ان حالت ۾ خيال ٿو اٿي ته آخر هيءَ روايت ايجاد ڪيئن ٿي. رواج جو بنياد پختو آهي، چيڪي مٽيءَ جي ڪچي ڀتر وانگر ڪينهي جو جهٽ ڀري پوي، زماني جي گردش کڻي کي ڪئين رنگ بدلارائي، پر اصليت نيٺ وڃيو پاڻ ڏ ڇڪي. ظاهر ٿيو ته عام روايتون خالي کوکا ڪونهن.

مماتيءَ بعد جسم ته بيڪار بڻجيو وڃي، روح جو تعلق هن جنسار سان ڪونهي، ازلي شيءِ ته اوس اڏاميو وڃي. قبر جو عذاب به ته روح کي رسندو، پر ڀيڙ به ته تڏهن ايندي جڏهن لاش وڃي لحد ۾ لهي. ڏوليءَ ۾ ته ڏک ڪونه ڏيندس. صاف ڳالهه آهي ته مُئي کان پوءِ جسم بي اثر، ته پوءِ عذاب ڪيئن؟ منهنجي ناقص نظر ۾ هيءَ رسم ڪنهن ڏاهي جي تلقين جو اثر آهي، انساني عيب ڍڪڻ لاءِ هي جملو چونڊيو ويو آهي.


(1)  ڪٿي ڪٿي تربت مٿان ٺڪريون (ڪونجيون) ۽ ڪونرا به رکي ڇڏين. سرند ماڻهو، ٽن ڏينهن کان پوءِ پڪي گاري  سان پڪين سرن سان قبر ٺهرائي ڇڏيندا آهن. نه ته به، محرم ميهين ۾ هرڪو ماڻهو قبرن کي ٺهرائيندو آهي.

(2)   آن جيڪو پتڻ اُڪرڻ لاءِ آندو هودنائون، سو به اتي قبر وٽ هاري ڇڏيندا ته پکي پکڻ چڳي وڃن.

(1)  ان مهل ڪي روڪڙا رپيا، ننگ ڪري، ان وارث جي گوڏي وٽ زمين تي رکندا آهن.

(1)  ڪي پهت جو لفظ پڄت ٿا چون يعني پڄت سارو مدد ڪرڻ. ڪي پهت پهڻ مصدر مان، يعني جيڪي دل تان اُتري، پاڻهي پاڻ سان مشورو ڪرڻکي پهڻ چون.

(1)  وڏن ماڻهن ۾ ڪپڙا نيرا يا ڪارا ڪرائي ڍڪين.

(1)   مسيتٿ ۾ ڏيئي ٻارڻ لاءِ چون ته مهند جو سوجهرو نصيب ٿيندس.

(1)  وڏا ماڻهو هڪٻئين کي ختمي جي ماني ڏيڻ سان گڏ سڪو ميوو يعني مغزات به موڪلين. ان مغزات کي چوڀا سڏين.

(1)  امير ماڻهو، سُلبن  کي مُئي جو هنڌ بسترو، ٿانءُ، سونا زيور، سنڪلي يا ٻيڙا، مُنڊي وغيره ڏين.

(2)   امير ماڻهو، دال ڀَت جي عيوض، پلاءُ يا گوشت ۾ ڀَت وڏرڌين، کائين ۽ ورهائين.

(1)  اهي اوسارا دهل جي وڄت تي چيا ويناد هئا.

(1)   اوسراڻ جي معنيٰ آهي معاف، بخش، اوسر جي معنيٰ اُڀرڻ يا چڙهڻ آهي. مطلب ته سُئي جا نوان سور دل تي اڀرن ۽ چڙهن.

 

 اهو ته يقين آهي ته برقعي ڍڪڻ سان ئي بدن جي انجڻ بيهو رهي. حرڪت جي بند ٿيڻ کي ئي موت ٿو چئجي. ڪمزوري بت نستو ڪريو ڇڏي. هيڻائي آخري جنبش بيهاريو وجهي. مرض الموت جي دوران پڻ اميد جي آڌار تي زندگيءَ کي بچائڻ لاءِ ڪئين سبب پيٽ ۾ داخل ڪرائجن ٿا. موت وگهي اهي شيون ٻاهر نٿيون نڪرن پر اندر ئي رهجيو وڃن. سو سائين کي چوان، مُئي پڄاڻان پڻ پيٽ خالي نٿو رهي. ڪجهه نه ڪجهه منجهس آهيئي آهي. حڪيمن جو چوڻ آهي ته دل جي حرڪت بند ٿيڻ کان پوءِ به ڪجهه مدت تائين معدو ڪم ڪندو ٿو رهي ۽ آنڊن کي روزي رسائيندو ٿو رهي. مطلب ته موجود مال ڳرندو ٿو رهي. مڙدي کي غسل ڏيڻ مهل پيٽ کي هٿ سان زور ڏئي، خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. پر جيئن ته انساني عمل ڪڏهن به مڪمل ڪماليت حاصل نه ڪئي آهي، تنهنڪري باوجود ڪوشش جي پيٽ ۾ ڪجهه نه ڪجهه ضرور رهجيو وڃي. بازو ميدان صاف خالي نٿي ڪرائي سگهي. لوڏي اچڻ سان اهڙي ڪن ڪچري نڪري اچڻ جو انديشو رهي ٿو، مُشڪون جيڪي روڪٿام جو ڪم ڪنديون آهن، پنهنجو ڪم ڇڏيو ڏين، پوءِ روڪي ۽ جهلي ڪير. جيڪڏهن ڪجهه نڪري آيو ته پوين لاءِ خواري، ويچارن وارثن لاءِ بيگناهه عمر ڀر لاءِ ذلت ۽ رُسوائي. عام طبقو ته طبي معلومات نٿو رکي جو اهڙن نتيجن کي سمجهي. اهڙي بدناميءَ کان بچڻ لاءِ ۽ اڻڄاڻو جاهل جي کل مسخريءَ کي ٻُنجي ڏيڻ لاءِ هي طريقو اختيار ڪيو ويو. مقصد رهيو بدنامي بند ڪرڻ. هاڻي جي ٿو ڄٽن کي چٽيءَ ريت سمجهائجي ته ڏيندا گڏهن واري هينگ ۽ اڇليندا اٽون. بي علم تي عقل ڪڏهن به نٿو ڇانئجي. ان ڪري سچ کي نقلي ويس پارائي طوائف واري طرز هلڻي پئي. ڳائيندڙ بي سرو هوندو آهيته سازندا سندس آواز کي ساز سان لنبي ڇڏيندا آهن. مذهبي آڙ موهه پيدا ٿي ڪري، سو ان دُهل سان هي ڊڍ ٿو وڄائيو وڃي ته اثر پيدا ٿئي، نه ته فطرتي ڪارروائيءَ کي گناهه ثواب سان ڪو تعلق ڪونهي.

آهستگي عزت آهي، تڪڙ نقصانڪار آهي، جي ڊڪندي ڪو ڪانڌي ٿاٻڙجي وڃي ڪري ته الاهي امانت به اچي پٽ پوندي، وري ساڳي خواري ۽ ستم ظريفي، شايد هي به هڪ سبب هجي، انهي حڪم جاري ٿيڻ جو.

اچو ته وري ساڳي تصوير جو ٻيو پاسو ڏسون. بس پهرئين قصي جي بلڪل ابتڙ.

جنازو قبرستان ويجهو پهتو ته ڪانڌين جي وِک تيز ٿي ويندي آهي، ان وقت لوڏي جي اثر کي بلڪل ڀُلجي ويندا آهي، شرم لڪائيندي وراڻيندا آهن: ادا قبر جي ڇڪ پيرن کي تِکو ڪيو ڇڏي. ڄڻ ته ڌرتي واڳونءَ وانگيان وات ڦاڙيو ويٺي آهي ته بس مڙدو اچي ته وٺي کاوانس. واهه ڙي ڀيچي واهه، هڻيو ڇڏيوس! حقيقت ڳالهه جي هيءَ آهي ته مُقام آهن پري، پنڌ ٿو ٿئي ڏورانهون، وري ڪمزور ڪُلهن تي بار، انسان ويچارو ڏٻرو، سو منزل جي ڏيکائي وٺي لوڇ پيدا ڪرائيس ته بس پهچون ۽ پهچون ته جند آزاد ٿئي، دفن ۾ به ته دير ٿي لڳي، جيئرن کي ته واپس ورڻو آهي، ڪنڌي جو ٿڪ وٺيو ڊڪائيس، باقي قبر جي ڇڪ ته اصل ڪانهي. حياءَ لڪائڻ ۾ وري ٻي سياڻي مدد ڪئي، انساني فهم تکو آهي، مُئي جي عزيزن کي به تسلي کپي. آخر به ته وارا ڄمارا آهن. اڄ اسين سڀاڻ هُو. ڀائرن جا بهانا بيڪار نه پر سچ کان گهڻو پري آهن، ضرورت ڪوڙ کي سچو ڪري نٿي سگهي. مَٺُ هر حال ۾ مَٺُ آهي. لاچار انسان کي زهر به پيارائي ٿو، پوءِ ڇا ضرورت زهر جي اصلت وڃائي ٿي ڇڏي ڇا؟ هرگز نه. البت لِڪ وجود ۾ اچي ٿي. ملاوت تِک کي گهٽ ڪري ٿي.

هِت انساني عقل جو هڪ ٻيو مثال به پيش ٿو ڪريان، جيڪڏهن ان جو سڌي طرح هن مضمون سان لاڳاپو ڪونهي.

ميت جي عذرخواهيءَ وقت ٽي ڏينهن پٿر پوندا آهن. ان وقت پٽ تي وهڻو پوندو آهي. چوندا آهن ته ايئن ڪرڻ سان فوتيءَ کي ثواب ٿو رسي. هي به هڪ بهانو ٺاهيو ويو آهي. اهڙن موقعن تي تڏي تي گهڻا ماڻهو ٿا اچن. کَٽون يا ڪرسيون پوريون ڪونه پونديون، ٻيو ته اهڙو سامان جاءِ گهڻي ٿو والاري. زمين تي وهڻ سان گهڻا ماڻهو داخل ٿي سگهندا. ان سهوليت کي مذهبي جامو مصلحت طور پارايو ويو آهي. وري ٻهراڙيءَ ۾ مزارن تي کٻڙ جا پن رکندا آهن ڇو ته گل ان پاسي ٿئي ڪونه. ان عمل ۾ پڻ ثواب کي داخل ڪيو ويو آهي. کٻڙ اُٺ جي خوراڪ آهي ۽ اُٺ بي عقل جانور آهي ته کٻڙ جي ثواب سان ڪهڙي نبت ٿي سگهي ٿي؟

سڪرات ۾ آواز نڪرندو آهي. جي اها حالت گهڻو وقت هلي ته اهو خيال پيدا ٿيندو آهي ته مرندڙ گهنگار آهي ۽ عذاب ۾.اهو به غلط. سڪرات وقت بيهوشي ٿيندي آهي، هوش نه رهيو ته سور جو احساس ڪيئن پيدا ٿيندو؟ مصنوعي بيهوشي پيدا ڪري، حڪيم جيئري کي شفا رسائڻ لاءِ وڍيندا آهن. ان وقت بيهوش کي نشتر جي تيزي اصل محسوس نه ٿيندي. ساڳي بيهوشيءَ کي سڪرات ٿا چون. هاڻي اچون آواز تي. اهو آواز ان ڪري ٿو ٿئي جو بيهوشيءَ ۾ ڪم طاقتي سبب ساهه کڻڻ لاءِ زبان وڃيو پٺتي ڪري. ان ڪري ٿو آواز ٿئي. اسپتالن ۾ اهڙي موقعي تي آواز روڪڻ لاءِ ڄڀ کي سئي ڌاڳي سان سبي ڇڏيندا آهن. زبان جو پٺتي ڪرڻ بند ٿيو ۽ آواز ازخود بيهجي ٿو وڃي. ساهه نڪرڻ  ۾ دير ان ڪري ٿي ٿئي جو مرندڙ ۾ ڪافي طاقت آهي جا آخري دم تائين لڙندي ٿي رهي. جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو، تيئن تيئن طاقت گهٽبي ويندي ۽ انسان ڪمزور ٿيندو ويندو. ان طرح دل جي هلڻ جي رفتار گهٽ ٿيندي جيسين وڃي ختم ٿئي. ظاهر ٿيو ته مرڻ سان جا هڪ قدرتي ڪارروائي آهي. نيڪي ۽ بديءَ جو ڪو لاڳاپو ڪونهي.

هڪ خط.

مٺا سائين: شال خوش هجين! چاچي سائينءَ نيٺ وڃي موڪلاڻي ڪئي. موذي مرض وڪوڙي ويا هيس. ويرين ورهين کان پي ولوڙيس. اهو مڙس هو پئي سَٺئين. آخر وڃي جند ڇڏايائين. مصيبت کان نجات مبارڪ جو باعث ٿي ٿئي. سمجهان ٿو ته هن وقت تنهنجي دل کي ڪيڏو نه چئن هوندو! ها اداس به هوندي. ضرور غم ملڻ آيا هوندئي، پر اهي مهمان جلد موڪلائي ويندا. سدائين جو سوداءُ نهوڙيو ڇڏي. اهو ڪو خود غرض هوندو جو پنهنجي شخصي صحبت خاطر چاهيندو ته پنهنجو پيارو پيءُ پيو چُڙي. ڪئين ڀيرا اها وائي ٻڌي اٿئون: مولا سائين هاڻي ته پنهنجو ڪرينس ڇا اها دشمني ۽ دغا آهي؟ بلڪل نه. اها قرباني آهي. دوست دلبر جي خوشيءَ خاطر پنهنجا حق ڇڏي ٿو. موت ته اوس اچڻو آهي. پوءِ ماتم ڇا جو؟ اداسي ۽ غمگينيءَ جو سبب فقط هڪ آهي. ويل جي وئي کان پوءِ يقين ٿو رهي ته سندس صحبت وري نصيب نه ٿيندي. اهو ارمان دل کي داغي ڪري ٿو. ورنه وصال دائمي ناهي. موت يقيني آهي. ادا سائين، مرحوم جون ياد گيرون سڙندڙ داغ کي ڇنڊو هڻي ٽاري ڇڏينديون. ماڻهو چوندا ته آءٌ ڪا ٻي ٻولي پيو ٻوليان. پرتون ته منهنجي زبان سمجھين ٿو. يار سان ڪوڙ؛ دوست سان رسمي دلبو، پنهنجي پرچاڻي نه رهي آهي ۽ نه رهندي. اڄ ڪئين ماڻهو اچي تنهنجي اوطاق ۾ ڦلڙو منهن بنائي وهندا. دل ۾ پيا ڀت تي ڀرندا. انهن مان ڪي ته اهڙا به هوندا، جن جي چاچي مرحوم سان ڏورانهين ڏيٺ ويٺ به نه رهي هوندي. انهن کي ڏک ڪهڙو؟ سور اتي ٿيندو جت ڌڪ لڳندو. جنهن ڳالهه جو درد آهي انهيءَ جو واسطو تعلقدارن سان آهي. انهيءَ ڪري ته ڪوڙيون رنون منهن تي پلو وجهياجايون اوڇنگارون ڏينديون آهن. اهو سڀ ڌوڪو آهي. اڄ چاچو هليو سڀاڻي پاڻ هلنداسين. اهو دنيا جو دستور آهي. زماني سان ڪنهن نه رهائي آهي. سڀڪو ڇڏيوڀڄيو وڃيس. وڏي جي غير موجودگي ٻه چار ڏينهن مونجهه پيدا ڪندي، پر نرجو انسان وقت جي وهڪري سان سڀڪجهه وساريو وهي. ايئن نه ٿئي ته جيڪر ڪير جِي سگهي؟ چاچي سائينءَ به ته خود پنهنجي ابا حضور کي آخر دل تان ميٽي ڇڏيو هو نه. اها اڪيلائي لطيف ڏاڍي سهڻي نموني سمجهائي آهي. فرمائي ٿو:

اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،

آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين،

جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا!

مرحوم جي شخصيت عجيب يادگار آهي. مجاهد مڙس هو. شل سندس نقش قدم تي هلون. شل اها توفيق پايون. وڇوڙو وسار ته وِک وڌئي وجود ڏي. يار کي نستو ڪرڻ نڀاڳ آهي. مهلون مڙسن تي اينديون آهي. مرد اُڪري پار پوندا آهن . سڙهه چاڙهه ته پار پئون!

چمي:

جاهل طبقو چميءَ جهڙيِ مقدس عمل کي وڃيو جنسيات جو سامان ٺاهي! بيعلميءَ جو قهر ته ڏسو. چمي قرب جو اعتراف ۽ پيار جو اظهار آهي. ماءُ پنهنجي ٻار کي ڪيتري نه چاهه مان چمندي آهي، مريد وري مرشد سائينءَ جا هٿ پير چمندو آهي. مطلب ته ڪو سنڌ چپن جي آلاڻ کان سواءِ نه ڇڏيندس. هنڌ کٽولي سوڌاسڀ ٽپڙ چميا ويندا آهن. ايراني عزت افزائي خاطر بزرگن جا هٿ چمندا آهن ۽ ننڍن جا نرڙ. عيسائي قوم ۾ موڪلائڻ مهل هڪ ٻئي جا ڳٽا چميا ويندا آهن. لبن تي پڻ نسبت  آهر وار ڪندا اهن. محبت جي جذبي لاشن کي پڻ چميءَ جو نشانو بنايو آهي. عاشق معشوق چپن مان رس وٺندا آهن. چمي ڏيڻ ۽ وٺڻ سان هڪ عجيب لذت محسوس ٿي ٿئي. مزي جو واسطو صرف جنسيات سان نٿو رهي. ايئن برابر آهي ته اهو انساني پهلو پڻ هن حقيقت سان وابسته آهي، پر ڪنهن به حالت ۾ سڀ جي جاءِ نٿو والاري، بلڪ سڀ جو هڪ ڪمترين حصو آهي. پيارا دوست وڇوڙي کي تانگهي گڏبا آهن ته چمين جا ٽوڪر ٽُٽي پوندا آهن. الفت کي نفس سمجهڻ ناحق آهي. گهوٽ ڪنوار جي چمي پڻ قدرداني آهي.

سڪون.

تنهنجي گود ۾ سمهندي ساهه نڪريم ته موت ۾ موج اچي وڃي. اهڙي اجل کي وڃي جيڪر ڊڪي ڀاڪر پايان. پڄي ته چنبڙي چهٽي پوانس. مور نه ڇڏيانس سسيءَ مٿان محبوب جي تکي ڇري آهستي آهستي وهي ته ان مان سڪون ملندو. حضرت عثمان هارونيءَ هن جنس کي ڏاڍو پيارو پيش ڪيو آهي. کيس بي نقاب ڪندي چوي ٿو: سمجهي نٿو سگهان ته آخر ديدار جي دم لاءِ ڇو نچي رهيو آهيان، پر مون کي پنهنجي ذوق تي ناز آهي. آءٌ پنهنجي يار اڳيان نچي رهيو آهيان. تون اهو قاتل آهين، جو تماشي خاطر خون وهائين ٿو. آءٌ اهو بسمل آهيان، جو تنهنجي خونخوار خنجر هيٺان رقص ڪري رهيو آهيا. اي رند! خوش ٿي، اڄ منهنجي پارسائي پائمال ٿي وئي. ڏسو ته سهين ته زاهد جي جنبي ۽ شيخ جي دستار سان نچي رهيو آهيا. آءٌ پنهنجي رقص ۾ مست ۽ بي خبر آهيان! تسڪين جي عالم ۾ سانت ۽ سلوڪ آهي. وجودئي وسريو وڃي. راحت ويٺي لڱن کي لوئي ٿڌڙا ڪڍي. چپن تي تبسم ۽ اکين ۾ مستي ڇانئجيو وڃي. گويا انسان چانڊوڪيءَ رات ۾ درياهه جي ماٺي پيٽ ۾ راڳ جي رمزن ۾ پيو جهُلي. ڌرتيءَ تي سٻاجهائي وڇائنجيو وڃي. محبوب گگدائيندو رهي. دنيا کان بيخبر، پيار جو پيالو پياريندو وتي. يار جي گفتار، ڀيروين  مثل هڪ هيڪڙائي ڇانيو ڇڏي. ڪو فرق ڪونه ٿو لهي. اهو آهي عالم سڪون. هيءَ اها فضا آهي، جتي تمام درد ڏک سور سڀ سڙيو خاڪ ٿيو وڃن. هڪ بيچين، سڪون کي وڃي هئن لڌو. دل ۾ اهيئي خيال هيس ته يار اڳيان پيش ٿيندي ئي سڀ شڪايتون سامهون رکندي چوندس: دل ۾ ڏاڍو رنج و ملال آهي. هن وٽ اهي وسوسا ته حالِ دل ٻڌائڻ سان اڳئين عذاب کان نجات ملي پوندي. بس اهي اميدون گودڙيءَ ۾ کڻي يار هليو اڳتي. آخر منهن مقابل ٿيو. پيس جو پرينءَ تي اک ته  به رهيو سور نه رهيو رنج نه رهيو درد. سڀ اوچتو اڏامي ويا. نه فڪر نه گمان، بس پاڪ ئي پاڪ. بس سڪون ملي ويو!

لطيفي سڪون به عجيب ۽ دلڪش عالم آهي. خوديءَ ۾بي خودي سمايل آهي:

جن کي دور درد جو، سبق سور پڙهن،

فڪر فرهي هٿ ۾، ماٺ مطالع ڪن،

پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسن پرينءَ کي!

يار جو ديدار هر مرض جو دارون آهي. هڪ لحظي ۾ سڀ ڏک ڏاکڙا لاهيو ڇڏي. جڏهن عاشق، معشوق ۾ جذب ٿي پنهنجي هستي مٽائي ٿو، تڏهن لفظ فنا جو وجود ڄمي ٿو. هڪ جوڳيءَ جو چوڻ آهي: اي نادان منهنجي وهاڻي وٽان اُٿي وڃ. عشق جو واحد علاج فقط ديدار آهي! سسئي، پنهونءَ جي سوز ۾ غش پئي آهي ته اچي عزرائيل سڏ ڪيس: راڻي هلي آ هوت ڏي. سسئيءَ جي تصور ۾ هيو پنهون، سو کلي خوش ٿي اُٿي. هي منظر به لطيف ڏيکاريو آهي.

اچي عزائيل، سُتي جاڳائي سسئي،

ٿي ڊوڙائي دليل، ته پنهونءَ ماڻهو موڪليو!

جڏهن انسان پنهنجو پاڻ وِهائي، عشق جي حجري ۾ وڃيو آرامجي ته سڪون اچيو پنهنجي سرڪون پياريس. زندگي ان گهڙيءَ کي چئبو آهي، باقي فڪر ته فناڪندڙ آهي. لطيفي لنـﺆ ڏاڍي اونهي آهي!

هاڻي وري هڪ ٻئي دوست (غالب) ۽ مشهور شاعر، جو چرچو ڏسو. محبوب سندس بازو مٿان ليٽيل آهي. حواس گم ٿي چڪا اٿس. اتي ٿو آلاپي: ننڊ ان جي، دماغ اُن جو، راتيون ان جون آهن، جنهن جي بازو مٿان تنهنجا زلف پريشان پيا هجن!

حاصل مطلب ته سڪون پنهنجي پاڻ قربان ڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿو. هي اهو عالم بيخودي آهي، جنهن ۾ ريس مريو وڃي، ڪينو ڪسيو پوي، اوندهه غائب ٿيو وڃي، دليل ۽ دوکو دسجيو پون، انسان ستارن جي سيج تي سمهيو رهي ۽ هيرون کيس پيون لوليون ڏين. ناز ۽ نياز هڪٻئي جي گود ۾ پهچي، چنڊ ۽ ڪڪر جي چال سان لڪلڪوٽي راند شروع ڪيو ڏين!

ڪوڙ:

ڪوڙ سچ جو ضد، حق جو مخالف ۽ ڪريل جو حامي آهي. اصليت کي ميٽڻ ۽ حقيقت کي لڪائڻ هن جي زندگيءَ جا خاص مقصد آهن. هيءُ مڙسن جو ويري ۽ پيار جي پاڙ پٽيندڙ آهي!

ڪوڙ ڊپ جو پُٽ آهي. سندس پيدائش خوف جي سرزمين تي ٿيندي آهي. ساري دنيا ۾ بيپاڙيءَ وانگر وڇايو پيو آهي. وٽس امير يا فقير جو ڪو امتياز ڪونهي. اڪثر بڇڙين گهٽين ۾ ڀٽڪندو ڏسبو، پر ملندو مولا جي هر ميدان ۾. گناهه جي نسل سان هن جو ڳوڙهو ڳنڍ آهي. سندس تاثير ڌوڪو آهي!

جو به فعل ممنوع آهي يا جنهن به عملي قول جي اگهاڙيا فتنو جاڳائيندڙ آهي، ان کي ڪوڙ جي ڪڪرن ۾ لڪايو ويندو آهي. ڪوڙ کي انسان پنهنجو بچاءُ سمجهي، بنيادي حق قرار ڏنو آهي. ان ڪري رفيق حيات جو به لقب مليو اٿس. هن جي ظاهري توهين به ڪري ٿو پر ويهاريس هميشه دل جي صندليءَ مٿان. هي هٿيار انسان، سماج توڙي پنهنجن يا پراون خلاف صدين کان استعمال ڪندو ٿو اچي. ڪوڙ پناهه جي ڍال ليکيو ويو آهي. هن اوزار حق تي ڪئين ڀيرا سوڀ پاتي آهي.

ڪوڙ ڪنو برابر آهي، پر پنهنجي ضرورت جو احساس قائم ڪرائي چڪو آهي. عالمن سڳورن وٽ به عزت پاتي اٿس. دروغ مصلحت آميز نه صرف جائز بلڪ لازم قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن هن غريب تي ڦٽ لعنت جو وسڪارو ٿيندو آهي، تڏهن سندس چند ساٿي مڙئي پاسو وٺندا اٿس. جواب ۾ ويچارا عذر طور وراڻيندا آهن ته غريب ڪوڙ ته فتني کي ٽاري باهه وسايو ڇڏي. مطلب نڪتو ته جي صغير گناهه، ڪبير گناهه کي روڪي ته ان جو ميرو پاسو اُجري اڇو ٿي پوندو ۽ پليت وڃي پاڪ بڻبو. اچو ته مثال وٺون: طوائف پنهنجو جسم ۽ عزت وڪڻي هڪ وحشي جي جبر کي روڪي ٿي. جي وئشيا بزار ۾ نه هجي ته دنيا ۾ هوند ٿرٿلو پئجي وڃي. گهر گهر گناهه جو اڏو بنجي وڃي. گويا هن جو وجود ۽ پيشو فائدي جي باعث ٿيو. پرک پوري رهي نه؟ ظاهر ٿيو ته زاهد وٽ عمل جي وقعت وڃي مناسبت تي بيٺي. واعظ ته هن ميدان مان حقيقت کي بيدخل ڪيو ڇڏي.

دنيا وٽ ته ايئن تسليم ٿيل آهي ته خالق اڪبر دانا بينا آهي. هو سڀ ڏسي به ٿو ۽ ٻُڌي به ٿو. ان حال ۾ ڪوڙ بي معنيَ عمل بنجيو پوي. جي خدا کان ڪجهه به ڳجهو ڪونهي ته پوءِ لڪ ڇاجي؟ ڏوهه ثواب جو وقار ته وڏي واليءَ وٽ آهي. ڪوڙ ڳالهائڻ سان هو پنهنجي اعمالن تي، پنهنجي جنس جي نظرن کي پري ڪرڻ لاءِ پردو ٿو پائي. ان ڏس ۾ ڪاميابي ۽ فتح ڪوڙ جي ٿي. هاڻي فيصلو ڏيو ته ڪوڙ دليري يا بزدلي؟

مهراڻ جا موتي

    ماڻهوءَ جو اهو خيال سندس بيوقوفيءَ تي دليل آهي، ته هو پاڻ کي سڀ کان وڌيڪ ڏاهو ۽ عقلمند سمجهندو رهي. جالينوس

    زندگيءَ جو مقصد، مال ۽ دولت، خوشي ۽ مسرت نه آهي؛ پر مقصد آهي، انسانيت جي تڪميل. هيگل.

    جنهن شهر ۾، هڪ ماڻهوءَ به بُک ۾ رات گذاري آهي، ته پوءِ ان شهر مان، الله تعاليٰ پنهنجي توجهه، پنهنجي رحمت ۽ پنهنجي حفاظت جا ذميدارانه واسطا کڻي ٿو ڇڏي.  رحمت اللعالمين.

    ذاتي پريشانيءَ کي دور ڪرڻ جو سولو طريقو اهو آهي، ته ماڻهو پاڻ کي ڪنهن تعميري ۽ مفيد ڪم ۾ مشغول رکي. جيمز رسل

    جي ماڻهو، پنهنجي زندگيءَ کي، ڪنهن بلند مقصد لاءِ وقف نٿا ڪن، ۽ پنهنجي عمر اجاين ڪمن ۾ وڃائن ٿا، اهي چور آهن.  گانڌي.

    اهو دوست ڪهڙو، جو رڳو اوهان جي وقت کي ضايع ڪندو رهي. اوهان اهڙو دوست ڳوليو، جنهن کان هميشه اوهان جو وقت زندهه رهي. خليل جبران.

    خوبصورتي، بيشڪ زندگيءَ جي وڻ ۾، هڪ نازڪ شاخ وانگر آهي، پر جيڪي ان کان وڌيڪ آهي، ڇالاءِ ته نيڪي آهي لذيذ ميوو.    _سقراط

    منهنجو يقين آهي ته، اڳتي هلي، عقل جي ترقي، انسان جي جسماني ڪمزورين کي ختم ڪري ڇڏيندي.         _لارينس

    تعليم يافته ماڻهوءَ جو اهو نشان آهي، ته هو جنهن به ڪم ۾ هٿ وجھي، ان کي تمام سهڻي نموني ۾ پورو ڪري ڏيکاري. _جمال الدين افغاني

    هرچيز هڪ عنوان آهي، ۽ ڪنهن صاحب نظر جي منتظر آهي.     وڪٽر هيو گو

    عقل، جن چيزن کي ملائي ٿو، يا جن چيزن کي جدا ٿو ڪري ؛ ان جي خلاف، ملائڻ جي بجاءِ جدا ڪرڻ، ۽ جدا ڪرڻ جي بجاءِ ملائڻ وڏي بيوقوفي آهي. _چيسٽر

    اوهان اهڙي تعليمي نصاب مان، ملڪ جي ترقيءَ جو ڪوبه تصور قائم ڪري نٿا سگهو، جنهن ۾ اڄ کان هزار سال اڳ وارا نظريا پڙهايا ٿا وڃن.        _جمال الدن افغاني

    مون وٽ ساده دل ۽ گمنام انسان، پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي جا لازوال تحفا کڻي اچن ۽ منهنجي روح کي مالامال ڪن؛ اهي انهن کان بهتر آهن، جو پڙهيل ڪڙهيل اچن ۽ مڪر ۽ فريب سان، منهنجي روح کي رنج پهچائين.       _گورڪي

    انسان، حسن اخلاق سان ئي بلند درجا حاصل ڪري ٿو.       _رسول ڪريم صلعم

    محض دولت جي هجڻ سان، ڪو ماڻهو، شريف انسان نٿو سڏائي سگهي._احمد ڪبير

    دشمن جي طاقت جو تصوّر، ان جي اصلي طاقت کان وڌيڪ؛ ۽ انقلابي قوتن جو تصوّر، ان جي اصلي قوت کان گهٽ ڪرڻ، زبردست غلطي آهي.      _مائوزي تنگ

    جج، قانون جو هڪ اهڙو شاگرد آهي، جو پنهجي امتحان جا پرچا، پاڻ ٿو ڏسي. _بيڪن

    جڏهن تون ضرورتمند ۽ محتاج ٿي پوين، ته پوءِ به نڪو ڪمزوري ظاهر ڪر ۽ نڪو نااميد ٿي.  _معريٰ

    محبت، زندگيءَ جو مقصد نه، پر هڪ ڪردار آهي.   _بيچر

    اهو چٻرو، جنهن جون اکيون رڳو رات جو کُلن ٿيون، اهو روشنيءَ جي اسرار کان ڪٿي ٿو واقف ٿي سگهي. _خليل جبران

    اها دل، جنهن ۾ خلوص جو پاڪ جذبو آهي؛ سا ان سِپَ وانگر آهي، جنهن ۾ موتي نه هجي.    _بائرن

    اگر اسان، آزاديءَ جي زندگي نٿا گذاري سگهون ته پوءِ ان جيئڻ کان موت بهتر آهي.    _ٽيگور

    انفگرادي صلاحيت، ڪيتري به اجنبي هجي، اها به جماليات جي نظام جو هڪ حصو آهي.       _اليٽ

    محبت، انسان جي اندر ۾ لڪل هڪ شريف جذبي جو نالو آهي. اگر اهو ڪڍي ڇڏبو ته پوءِ انسان ۽ حيوان ۾ ڪوبه فرق نه رهندو.   _رسل

    همت سان زندگي ٿي بنجي ۽ بزدليءَ سان موت.  _حضرت علي

    زندگيءَ جو ادب اهو آهي__جنهن ۾ فڪر آهي، آزادي جو جذبو آهي، روح آهي، زندگيءَ ۾ حقيقي روشني آڻڻ جو خيال آهي؛ جو اسان ۾ حرڪت، عمل ۽ بيقراري ٿو پيدا ڪري، ۽ سمهاري نٿو. ڇالاءِ ته ننڊ موت جي علامت آهي. جمال الدين افغاني